حاجي محمد اسحاق هالائي

حاجي محمد اسحاق هالائي: حاجي محمد اسحاق ولد حاجي محمود نانوائي ميمڻ، 16 ذوالحج 1316هه/ 17 اپريل 1899ع ڌاري هالا ۾ ڄائو. هيءُ مخدوم غلام حيدررح جو همعصر هو. ابتدائي تعليم هالا جي عريضي نويس محمد صالح شورائيءَ کان حاصل ڪيائين. هيءُ تمام پختو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب: (1) ’مارئيءَ جـا آلاپ، ڏيـنهـن راتيـن ۾‘، (2) ’شـيرين زبان عرف جـذبـات اسحاقيه‘ ۽ (3) ’نوراني فراق‘ منظر عام تي آيا. سندس پٽ حاجي محمود هالائيءَ جو نالـو صحافت جي دنيا ۾ مشهور آهي.
حاجي محمد اسحاق هالائي، 31 آگسٽ 1947ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه هالا ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1899.04.17  عيسوي

حاجي محمد اسحاق ولد حاجي محمود نانوائي ميمڻ، 16 ذوالحج 1316هه/ 17 اپريل 1899ع ڌاري هالا ۾ ڄائو.


1947.08.31  عيسوي

حاجي محمد اسحاق هالائي، 31 آگسٽ 1947ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه هالا ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرڀداس آوت رام ڪندناڻي
دلاور علي فقير ’دلاور‘
زنگيجو خدا بخش فقير
حاجي عبدالله ڊکڻ
ڄام مراد علي جوکيو
آدم هنڱورجو
عبدالخالق مولوي
روشن تبسم
خليفو غلام الله
ابو شوڪت حمزو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون