حاجي محمد قائم جي مسجد

حاجي محمد قائم جي مسجد: هن مسجد بابت، پير حسام الدين راشدي، ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ لکي ٿو تہ: ٺٽي ۾ حاجي محمد قائم جي مسجد خواجہ محلي ۾ هئي، جيڪا پوءِ نورسيه جي نالي سان مشھور ٿي. مسجد قديمي هئي، پر اهو نالو مٿس ٻارهين صدي هجريءَ ۾ پيو. هن مسجد جي اڳيان ئي ’جمله پير‘ جو ميدان هوندو هو. مولانا محمد قائم محدث سنڌي جيڪو وقت بہ ٺٽي ۾ رهيو تہ هر روز ٽه پهريءَ جو مسجد ۾ حديث جو درس ڏيندو هو. سندس وفات 1157ھہ/ 1744ع ۾ ٿي. مسجد ۾ درس ڏيڻ سبب مسجد جو نالو ’حاجي محمد قائم واري مسجد‘ پئجي ويو.


لفظ حاجي محمد قائم جي مسجدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو