
حاجي محمد پيرزادو
حاجي محمد پيرازدو: مشھور سماجي ۽ قومي ڪارڪن حاجي محمد پيرزادي ڳوٺ ’دودو سنهڙي‘ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 1902ع ڌاري جنم ورتو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. کيس انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو، پر سندس اهو خواب پورو نہ ٿي سگهيو. روايتي خانداني پيري مريديءَ جي ريت جو مخالفت هو. سندس والد کيس درزڪو ڪم سکڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي مشھور درزي استاد ﷲ ڏني سرهيي وٽ ڇڏيو. جلد ئي ذهانت ۽ محنت سبب درزڪي فن ۾ ماهر ٿي ويو ۽ وڏو نالو ڪڍيائين. پير حسام الدين راشديءَ پنھنجي ڪتاب ’هو ڏوٿي، هو ڏينهن‘ ۾ ذڪر ڪيو آهي تہ: حاجي صاحب جيتوڻيڪ پڙهيل نہ هو، ان باوجود کيس علم سان اٿاھہ محبت هئي. عالمن، اديبن، شاعرن، سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن کي وڏي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسندو هو. حاجي محمد پيرزادو مسلم ليگ، نيشنل عوامي پارٽي، هاري تحريڪ، جمعيت الشعراءُ سنڌ، سنڌي ادبي سنگت ۽ بزم ادب لاڙڪاڻي جو ميمبر ۽ عهديدار رهيو. شھر جا مکيہ سياسي رهنما ۽ قومي ڪارڪن سندس دڪان تي ڪچهريءَ ۽ بحثن مباحثن لاءِ ايندا هئا. سندس دڪان سياسي، سماجي ۽ قومي مسئلن تي بحث ڪرڻ جو مرڪز هو. حاجي مرحوم جي نظر ۾ انسانيت جي خدمت عبادت هئي. هن غريب شاگردن، مزدورن ۽ هارين جي مدد ڪرڻ زندگيءَ جو مقصد بنائي ڇڏيو هو. غريب شاگردن کان سلائيءَ جا پئسا بہ نہ وٺندو هو. سندس سماجي ۽ قومي خدمتن جي ڪري لاڙڪاڻي جا رهواسي کيس عزت جي نگاھہ سان ڏسندا هئا.
حاجي محمد پيرزادو، 67 ورهين جي ڄمار ۾، 21 مارچ 1970ع تي وفات ڪري ويو.
1970.03.21 عيسوي
حاجي محمد پيرزادو، 67 ورهين جي ڄمار ۾، 21 مارچ 1970ع تي وفات ڪري ويو.