حاجي مريءَ جو مقام

حاجي مريءَ جو مقام: هيءُ ڪاڇي (ضلعي دادو) جو مشھور مقام آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ناميارا ماڻهو دفن آهن. جن ۾ سپھہ سالار حاجي مري بہ شامل آهي. هو سپھہ سالار مير موندر خان جو بھترين دوست هو. حاجي مري 22 ربيع الثاني 1110ھہ بمطابق 1699ع ۾ ميان دين محمد ڪلهوڙي طرفان ڳـوٺ ڳيريلي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڀرسان مغلن جي لشڪر سان وڙهندي، مير موندر خان چانڊيي سان گڏ شھيد ٿيو. مشھور سپھہ سالار خدام معرفاڻي جيڪو جنگ بنگاھہ (1835ع) ۾ شھيد ٿيو هو، ان کي سردار ولي محمد خان حاجي مريءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪرايو. درويش بالاچ فقير ميراڻي حمنائي چانڊيي جي قبر بہ هتي ئي آهي. بالاچ فقير وڏو بزرگ هو. سردار ملڪ غيبي خان جي همعصر فقيرن مان هو. هن مقام جي ڏکڻ ۾ ڳوٺ لالو تاماڻي سماراڻي چانڊيي جو مقام آهي. هن ڳوٺ جي ڀرسان مٺي پاڻي جو کوھہ آهي، هن کوھہ جو پاڻي صاف شفاف، سياري جو گرم ۽ اونهاري جو ٿڌو هوندو آهي. ڳوٺ جي ڏکڻ طرف چانڊيا جاگير جي مشھور نئن الڪا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1110.04.22  هجري

حاجي مري 22 ربيع الثاني 1110هه بمطابق 1699ع ۾ ميان دين محمد ڪلهوڙي طرفان ڳـوٺ ڳيريلي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڀرسان مغلن جي لشڪر سان وڙهندي، مير موندر خان چانڊيي سان گڏ شهيد ٿيو.



قبرستان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خطيب شاھہ صدرالدين جي قبر
سمن جو قبرستان
شيخ لاکو قبرستان
آراڙو قبرستان
شيخ صالح سوائيءَ وارو قبرستان
چوکنڊي قبرستان
پنج پير2
پيـر باقر شاھ جو قبـرسـتان
شيخ موتيو ۽ شيخ جيئو جو مقام
طوطا خان ڪلمتيءَ جو قبرستان
قبرستان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون