حاجي مصري لنڊ

حاجي مصري لُنڊ: حاجي مصري لُنڊ ويٺل ’گهر پنهنجا‘ لڳ نونر تعلقي دادوءَ ۾ سال 1890ع ڌاري ڄائو. ننڍپڻ کان نڙ سکيو. نڙ تي لالي ۽ لالئي جي ڳالھہ کڻندو هو. جڏهن نڙ وڄائڻ سان گڏ لالي ۽ لالئيءَ جي ڳالھہ کڻندو هو تہ ڪچهري تي وجد طاري ٿي ويندو هو. لالي ۽ لالئيءَ جي ڳالھہ ست راتيون هلندي هئي ۽ اوطاق تي روزانو ڳالھہ ٻڌڻ لاءِ شائقين جا ميلا متل هوندا هئا. حاجي مصري لُنڊ سال 1964ع ڌاري فوت ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو