حاجي نور محمد شاهه ’نورل‘: سيد حاجي نور محمد شاهه ولد اسماعيل شاهه، فيبروري 1890ع ۾ ڳوٺ موري منگر، تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس تعلق متعلوي سادات سان هو. هن جو والد زميندار هو ۽ علم ۽ فضل ۾ ڪافي دسترس رکندو هو. پنهنجي پٽ کي ڳوٺ کان هڪ ميل پري ڀينڊي شريف جي مدرسي ۾ ابتدائي اعليٰ تعليم لاءِ داخل ڪرايائين، جتي سيد نور محمد شاهه عربي، فارسي ۽ قرآن شريف جي تعليم مدرسي جي مشهور استاد مولوي مبين عبدالله کان حاصل ڪئي. سندس قابليت ۽ ذهانت ڏسي ان وقت جي تعليم کاتي جي عملدار کيس ڀينڊي شريف جي پرائمري اسڪول ۾ نائب ماستر مقرر ڪيو. ڇاڪاڻ ته ان وقت ڀينڊي شريف ۾ علم جو گهڻو چرچو هو ۽ ڪنهن گهٽ لياقت واري ماستر وٽ اتي جا ماڻهو پنهنجا ٻار پڙهائڻ لاءِ تيار نه هئا. هن 32 سال انهيءَ اسڪول ۾ نوڪري ڪئي ۽ 1946ع ۾ رٽائر ڪيائين، اسڪول جي نوڪريءَ دوران شاعري ۽ مطالعي کي جاري رکيائين. حاجي نور محمد شاهه ’نورل‘ جو ڪلام مناجاتن، رباعين، غزلن، قصيدن، مداحن، مرثين تي مشتمل آهي. سندس خطبن جو هڪ مجموعو به تصنيف ٿيل آهي.