حاجي نور محمد شاھہ ’نورل‘: سيد حاجي نور محمد شاھہ ولد اسماعيل شاھہ، فيبروري 1890ع ۾ ڳوٺ موري منگر، تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس تعلق متعلوي سادات سان هو. هن جو والد زميندار هو ۽ علم ۽ فضل ۾ ڪافي دسترس رکندو هو. پنھنجي پٽ کي ڳوٺ کان هڪ ميل پري ڀينڊي شريف جي مدرسي ۾ ابتدائي اعليٰ تعليم لاءِ داخل ڪرايائين، جتي سيد نور محمد شاھہ عربي، فارسي ۽ قرآن شريف جي تعليم مدرسي جي مشھور استاد مولوي مبين عبدالله کان حاصل ڪئي. سندس قابليت ۽ ذهانت ڏسي ان وقت جي تعليم کاتي جي عملدار کيس ڀينڊي شريف جي پرائمري اسڪول ۾ نائب ماستر مقرر ڪيو. ڇاڪاڻ تہ ان وقت ڀينڊي شريف ۾ علم جو گهڻو چرچو هو ۽ ڪنهن گهٽ لياقت واري ماستر وٽ اتي جا ماڻهو پنهنجا ٻار پڙهائڻ لاءِ تيار نہ هئا. هن 32 سال انهيءَ اسڪول ۾ نوڪري ڪئي ۽ 1946ع ۾ رٽائر ڪيائين، اسڪول جي نوڪريءَ دوران شاعري ۽ مطالعي کي جاري رکيائين. حاجي نور محمد شاھہ ’نورل‘ جو ڪلام مناجاتن، رباعين، غزلن، قصيدن، مداحن، مرثين تي مشتمل آهي. سندس خطبن جو هڪ مجموعو بہ تصنيف ٿيل آهي.