
حادثي کان پوءِ
حادثي کان پوءِ (ڪتاب): نامور سنڌي ڪهاڻيڪار خاتون ڪملا گوڪلاڻيءَ جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي، جنهن ۾ سندس 10 ڪهاڻيون: زندگي هڪ پاراتو، هڪ ٻي سيتا، قيد ٿيل ارمان، سرد صبوح جو سورج، حادثي کان پوءِ، پائي پئسو، دل ننڍي دک وڏا، جذباتي ناتا، وويڪ جا وڍ ۽ اندر جي عدالت شامل آهن. الهاس نگر پاران ڪرائون سائيز جي 100 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 رپيا آهي ۽ ان جو پهريون ڇاپو 1984ع ۾ ڇپيو آهي.
حارث بن ابي هاله: حارث بن ابي هاله ام المؤمنين حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ رضي ﷲ عنها جو فرزند هو، جيڪو کيس پهرئين مڙس مان ڄائو هو. جڏهن حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم ڪعبي ۾ توحيد جو اعلان ڪيو تہ ڪافرن مٿن حملو ڪيو. حارث اها خبر ٻڌي نبي سڳوريصه جي حفاظت لاءِ ڊوڙندو اتي پهتو تہ ڪافرن مٿس حملو ڪري کيس شھيد ڪري ڇڏيو. ان ڪري حارث کي اسلام جي راھہ جو پهريون شھيد سڏيو ويو آهي. (حوالو: شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا (اردو)).