حاضر سائين

حاضر سائين (فلم): ڄاموٽ فلمز جي طرفان پيش ڪيل هيءَ سنڌي فلم، 26 آگسٽ 1979ع تي فلمي سئنيما ۾ رليز ٿي. هن فلم جي ڪهاڻي لکندڙ، پروڊيوسر ۽ هدايتڪار ايس. گُل هو، جڏهن تہ موسيقار غلام حيدر هو. هن فلم ۾ ايس. گُل، سعيد، احمد علي، وسيم، قمر ميمڻ، شھنيلا قريشي، شبانه ناز، روشن عطا، بينا، گاجن قريشي، نور محمد لاشاري، ملڪ انوکو، سُندري ۽ سيد سليمان شاھہ اداڪاري ڪئي. هيءَ فلم تاج محمد سئنيما ڪراچي، شھاب سئنيما حيدرآباد، شاليمار سئنيما حيدرآباد، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي ۽ سُھڻي سئنيما جيڪب آباد ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. فلم جو موضوع نج سنڌي سماج جي عڪاسيءَ تي ٻَڌل هو. هيءَ فلم ڏسندڙن ۾ مقبول وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.08.26  عيسوي

ڄاموٽ فلمز جي طرفان پيش ڪيل هيءَ سنڌي فلم، 26 آگسٽ 1979ع تي فلمي سئنيما ۾ رليز ٿي.



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چِلمچِي
پنيهڙ شاخ
ڊنبر
اسر
سُـئا پُلاءُ
پڃري
پن چڪي
ريفرنڊنم
پناهگير
سيارو
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون