حافظ ابراهيم

حافظ ابراهيم: حافظ ابراهيم مغل دؤر جي نامور بزرگن مان هو. سنڌ جي تاريخ جي مشھور ڪتاب تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ سندس نسبت لاکا ذات سان ڄاڻائيندي لکيو آهي تہ: ”هيءُ علمي فيض ۾ ايڏي تہ مرتبي کي پهتو، جو شاھجھان بادشاھہ جي پٽ دارا شڪوہ کي پڙهائڻ لاءِ شاهي درٻار پاران استاد مقرر ٿيو. دارا شڪوہ جيستائين جيئرو هو، هو پنھنجي استاد حافظ ابراهيم جي گهڻي عزت ڪندو هو. هن کي وڏي شھرت حاصل هئي.“


لفظ حافظ ابراهيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو