حافظ حڪومت خان: علي مراد خان ٽالپر جي فوج جو ڪاروبار خيرپور جي ٻين ميرن کان جدا هوندو هو. سندس فوج کي ’زرطلب‘ ڪري سڏيو ويندو هو. مير علي مراد جي فوج جا سمورا ماڻهو هندستان، ڪابل، پنجاب ۽ پشاور جا هئا، جن مان هر هڪ دستي کي ’روهلين يا پٺاڻن‘ جو دستو سڏيندا هئا. انهن دستن مان هڪ دستي جو سپھہ سالار ’حڪومت خان'>حافظ حڪومت خان‘ هو. حڪومت خان'>حافظ حڪومت خان اصل ۾ ملتان جو رهاڪو هو. هيءُ ملتان جي حاڪمن کان ناراض ٿي بھاولپور آيو، پر اتي بہ قدر نہ ڏسي سڌو خيرپور هليو آيو، جتي هن جي بهادري ۽ ايمانداري ڏسي مير علي مراد هن جي سرپرستي ڪئي ۽ کيس پنھنجي فوج جي هڪ دستي جو جنرل مقرر ڪيو. حافظ حڪومت خانبهادري ۽ جنگي مهارت رکڻ سان گڏ قرآن پاڪ جو حافظ هو. مير صاحب جو مٿس مڪمل اعتماد هوندو هو. مير علي مراد ڪيڏانهن بہ ويندو هو تہ حافظ حڪومت جي دستي سان گڏ نڪرندو هو.