حافظ رشيد خوشنويس

حافظ رشيد، خوشنويس: حافظ رشيد خوشنويس، ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي ڏينهن ۾ خوشنويسيءَ جي مهارت جو علمبردار هو ۽ وڏن عالمن ۽ مشھور ماڻهن ۾ سندس شمار ٿيندو هو. جڏهن شاھہ بيگ ارغون گذاري ويو تہ ڄام فيروز تمام خوش ٿيو ۽ فاتح خوانيءَ کي نظرانداز ڪندي تعبيداريءَ کان منهن موڙيائين، جڏهن شاھہ حسن ارغون کي اها خبر پئي، تڏهن هن ڄام فيروز کي سيکت ڏيڻ جو پڪو ارادو ڪيو. اها خبر جڏهن ڄام فيروز کي پهتي تڏهن حافظ رشيد خوشنويس ۽ قاضي قاضن کي سوکڙين سميت شاھہ حسن وٽ موڪليائين، پر ڳجهہ ڳوھہ ۾ جنگ جي تياري ڪرڻ لڳو. شاھہ حسن کي جڏهن اها خبر پئي تڏهن ان هڪدم ڄام فيروز تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ شاھہ حسن کي فتح حاصل ٿي. شاھہ حسن ارغون حافظ رشيد جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو ۽ آخر تائين کيس پاڻ وٽ رکيائين. (مير علي شير قانع: تحفة الڪرام)


لفظ حافظ رشيد خوشنويسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو