حافظ شفيع محمد محمدي

حافظ شفيع محمد محمدي

حافظ شفيع محمد محمدي

حافظ شفيع محمد محمدي: حافظ شفيع محمد نقشبندي، پهرين نومبر 1935ع تي ڳوٺ دادلوءِ، تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو. سندس والد استاد محمد عارب، تر جو مشھور پرائمري استاد هو. هن کي سندس والد قرآن پاڪ حفظ ڪرڻ لاءِ مدرسہ عثمانيه سکر ۾ 1951ع ۾ حافظ نور محمد اعواڻ وٽ ويهاريو، جتي هن هڪ سال اندر قرآن پاڪ حفظ ڪيو. مدرسي عثمانيه سکر مان قرآن پاڪ حفظ ڪري واپس ڳوٺ اچي 1953ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين. 1954ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1993ع ۾ هـيـڊمـاسـتـريءَ تان رٽائر ڪيائين. هيءُ 1952ع کان وفات تائين (2005ع) تائين ڳوٺ جي جامع مسجد ۾ امامت ڪرڻ سميت، رمضان شريف ۾ تراويحون پڙهائيندو هو .
مسجد شريف جي ڀرسان هڪ مدرسو ’مجدديه نقشبنديه‘ قائم ڪيائين، جتي قرآن پاڪ ناظره ۽ حفظ جي تعليم ڏيندو هو. جامع مسجد جي خدمت سندس زندگي جو نصب العين هو. اڪثر وقت مدرسي ۽ مسجد شريف ۾ گذاريندو هو. قرآن پاڪ جي تعليم بہ في سبيل ڏيندو هو. ڪنهن جو نڪاح پڙهايائين تہ بہ دُعا گهري هٿين خالي واپس ايندو هو. مهمان جي خدمت پاڻ ڪندو هو. پنھنجي ماستريءَ جي پگهار تي گذرسفر ڪيائين. هيءُ نهايت کل مک، نرم مزاج ۽ طبيعت ۾ سادو انسان هو. پاڻ پنھنجي زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو حج ۽ 2 عمره ادا ڪيائين.
هن 2 محرم الحرام سن 1426ھہ/ 12 فيبروري 2005ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.11.01  عيسوي

حافظ شفيع محمد نقشبندي، پهرين نومبر 1935ع تي ڳوٺ دادلوءِ، تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو.


2005.02.12  عيسوي

هن 2 محرم الحرام سن 1426هه/ 12 فيبروري 2005ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چاچڙ علي مردان خان
ڀواني شنڪر
ظل الرحمان سيد حڪيم
صغران بي بي
ڪاڪ فريد
جھانگير بدر
ڀٽي مخدوم احمد
احمد شيخ
صلاح الدين شاھہ
استاد دين محمد خان جيڻو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون