حافظ شيرازي

حافظ شيرازي

حافظ شيرازيءَ جي مزار (شيراز، ايران)

حافظ شيرازيءَ جي مزار (شيراز، ايران)

حافظ شيرازي

حافظ شيرازي: حافظ شيرازيءَ جو اصل نالو شمس الدين محمد هو. فارسيءَ جي هن مشھور غزل گو شاعر، 1320ع تي شيراز ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائين. عربي زبان ۽ ادب جو چڱو مطالعو ڪيائين. تعليم کان فارغ ٿي معلم جو پيشو اختيار ڪيائين. ابتدا ۾ هڪ مدرسي ۾ تفسير، قرآن جو معلم ٿيو. روايت آهي تہ پڙهائيءَ دوران هو پنھنجي گهر وارن جي پيٽ پالڻ لاءِ رات جي وقت هڪ بيڪريءَ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ ڏينهن جو پڙهندو هو. فارس تي عربن جي حڪمرانيءَ جي ڪري، منگولن بار بار فارس تي وحشياڻا حملا ڪيا. حافظ ٽيهن سالن جي عمر ۾ درٻاري شاعر بڻجي ويو. درٻار مان ملندڙ نذرانو ئي هن لاءِ زندگي گذارڻ جو اڪيلو ذريعو هو. حافظ شيرازي جلال الدين شاھہ شجاع جو منظور نظر بڻيو، جنهن هن کي شيراز جي هڪ مدرسي ۾ ديني علمن جو استاد مقرر ڪيو. تصوف هن جي زندگيءَ تي گهرو اثر ڇڏيو ۽ ان دوران هن شيخ محمد عطار جو خوب مطالعو ڪيو. حافظ شيرازي بابت پير حسام الدين راشدي’مڪلي نامي‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”پير محمد حسين شيرازي عرف پير مراد جو ڏاڏو سيد محمد، سلطان مبارز الدين جي دؤر ۾ شيراز کان سنڌ ۾ اچڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ هن سان گڏ حافظ شيرازي پڻ سنڌ لاءِ روانو ٿيو. اهي ٻئي قنڌار تائين گڏجي آيا، سيد تہ پنهنجو سفر جاري رکيو پر حافظ شيرازي واپس موٽي هليو ويو.“
حافظ کي غزل گوئيءَ ۾ حد درجي جو ڪمال حاصل هو. آخري عمر ۾ هن پنهنجا غزل ديوان جي صورت ۾ مرتب ڪيا، جن ۾ ڪجهہ قصيدا ۽ ننڍا نظم شامل ڪري 1379ع ۾ ديوان مڪمل ڪيائين. هرمز جي والي توران شاھہ کليءَ دل سان حافظ جي قدرداني ڪئي. مظفري خاندان جي حڪمران محمد شاھہ ‘اوَل‘ جي دور ۾ حافظ کي بادشاھہ پاران بغداد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني وئي، جيڪا هن قبول نہ ڪئي ۽ پنھنجي شھر شيراز ۾ رهڻ کي ترجيح ڏنائين، جنهن جي باغن ۽ پنھنجي محبوب جي سونهن جي ساراھہ هن پنھنجي غزلن ۾ خوب ڪئي آهي. حافظ جي شاعري شاھہ شجاع جي دؤر ۾ پنھنجي عروج تي هئي. شاھہ شجاع 1394ع ۾ وفات ڪئي. حافظ سندس مدح ۾ ڪيترائي قصيدا لکيا.
حافظ شيرازي ايران جي غزل گو شاعرن ۾ نهايت اعليٰ مقام رکي ٿو. هو عشق جي واردات محتاط انداز ۾ بيان ڪندي عريانيءَ کان پرهيز ڪندو هو. هن جو شمار دنيا جي وڏن صوفي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. کيس ’لسان الغيب‘ جي لقب سان بہ ياد ڪيو وڃي ٿو. سندس ڪلام ۾ وڏي رواني آهي، اردوءَ جي شاعر فيض احمد فيض جي شاعريءَ تي حافظ جي شاعريءَ جو وڏو اثر رهيو آهي. حافظ شريعت جي سخت گيريءَ جي دؤر ۾ لکيو هو:
فاش مي گويم و از گفته خود دلشادم،
بندهء عشقم و از هر دو جھان آزادم.
ترجمو: (مان کليو ڳالهائي رهيو آهيان ۽ جيڪي چوان ٿو انهيءَ تي خوش آهيان، مان عشق جو بندو آهيان ۽ ٻنهي جهانن کان آزاد آهيان.)
حافظ شيرازي جي ڪلام ۾ اهڙو تہ خدائي جذبو موجود آهي، جيڪو ايندڙ حالتن بابت پڻ خبر ڏئي ٿو، حافظ پاڻ هڪ شعر ۾ اعتراف ڪيو آهي تہ تصوف جو ادراڪ کيس چاليهن سالن جي عمر ۾ حاصل ٿيو:
ڪه اي صوفي شراب آنگه يود صاف،
ڪـه در شيــشــه بـمـانــدار بعيـنـي.
انگريزيءَ ۾ حافظ کي ترجمو ڪندڙ پيٽر ايوري ۽ جان هيٿ سٽنبر لکيو آهي تہ: يونانين وانگر فارسين لاءِ بہ الاهي حسن جو دنياوي اظهار خوبصورت جوانيءَ جي صورت ۾ ٿيندو آهي، جيتوڻيڪ حافظ جي غزلن کي الاهي حسن جي تشبيهن طور پڙهي سگهجي ٿو، پر اهي واضح طور مجاز جي موضوع تي آهن، هن جي هڪ جڳ مشھور شعر جو ترجمو آهي تہ: ”بھشت جو باغ بہ خوشگوار هوندو، پر بيدمشڪن جي پاڇي ۽ ٻنين جي ساوڪ کي بہ متان وساريو.“ عقيدت پرستن تي کلي تنقيد کانپوءِ حافظ جي سرپرست شاھہ شجاع مذهبي ماڻهن جي زور ڀرڻ تي کيس جلاوطن ڪيو، پر پوءِ حافظ کي درٻار ۾ پنھنجي اڳوڻي حيثيت واپس ڏني وئي. وچولي عمر ۾ سندس شاعري هندستان ۽ عرب جي سرزمين تائين ڦهلي. حافظ کي ايران ۾ اڄ بہ وڏي احترام جي نگاھہ سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ اڄ بہ فارس جا ماڻهو پنھنجي روزمرھہ جي ڳالھہ ٻولھہ ۾ حافظ جا حوالا ڏين ٿا.
’ديوان حافظ‘ صدين کان فال نامي طور پڻ استعمال ٿيندو اچي، تيموري بادشاھہ پنھنجي سڀني مهمن ۾ ديوان حافظ کان رهنمائي وٺندا هئا، همايون، بابر، اڪبر، جھانگير ۽ عالمگير اڪثر هي فالنامو استعمال ڪندا هئا.
همايون بادشاھہ جڏهن ايراني فوج وٺي هند تي حملي جو ارادو ڪيو تہ ’ديوان حافظ‘ جي فالنامي مان هي شعر آيو.
عزيز مصر برغم برادرانِ غيور،
زقعره چاھہ برآمد بہ اوج ماه رسيد.
(مصر جو عزيز، حاسد ڀائرن جي ذلت سان گڏ کوھہ جي گهرائي مان نڪري آيو ۽ چنڊ جي بلندي تي پهچي ويو) ۽ همايون هن حملي ۾ سڀ ڀائرن کي شڪست ڏئي هندستان جو بادشاھہ ٿيو. ’ديوان حافظ‘ مان فال ڪڍڻ لاءِ قديم دؤر کان ڪجهہ مقرر ڪيل جدولون ٺهيل آهن جن مان مختلف طريقن سان فال ڪڍي سگهجي ٿي، جدولن مان حرف چونڊڻ کانپوءِ جڏهن اهي ملائبا آهن تہ ڪا نہ ڪا غزل جي مصرع ٺهيو وڃي ۽ انهي شعر کي جواب تسليم ڪيو وڃي ٿو. ٽالپر حاڪمن مان مير ڪرم علي خان جي هڪ قلمي بياض ۾ پڻ ’فالنامه ديوان حافظ‘ جي عنوان سان هڪ تفصيلي باب تحرير آهي، انهي کانسواءِ ميرزا قاسم علي بيگ پڻ پنھنجي مرثين جي بياض ۾ هن فالنامي کي وڌيڪ آسان ڪري تفصيلي قلمبند ڪيو آهي.
حافظ جي مقبوليت جي ڪري سندس ڪلام ۾ ڪيترو ٻيو ڪلام بہ شامل ٿي ويل چيو وڃي ٿو. ’ديوان حافظ‘۾ سندس 500 کان وڌيڪ غزل شامل آهن. هن جي ٻولي سادي ۽ دل کي ڇهندڙ آهي. حافظ جي شاعريءَ جو پهريون انگريزي ترجمو 1891ع ۾ ٿيو. سنڌيءَ ۾ حافظ جي چونڊ ڪلام جو سنڌي ترجمو سنڌي ٻوليءَ جي عالم محمد يعقوب نياز ”ديوان حافظ“ نالي سان ڪيو آهي، جنهن ۾ سائشته نثر ۾ حافظ جي ڪلام جو انتهائي وڻندڙ، زيبائتو ترجمو ڪيو ويو آهي. جنهن کانپوءِ کيس عالمي سطح تي تمام گهڻي مقبوليت ملي. حافظ شيرازي 791ھہ/1389ع ڌاري ايران جي شھر شيراز ۾ وفات ڪئي.


لفظ حافظ شيرازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو