حافظ عبدالرحيم: حافظ عبدالرحيم ناليوارو ڪاتب ٿي گذريو آهي. هيءُ ٺٽي جي معزز ڪاتب حافظ محمد رشيد صديقيءَ جو پٽ هو. هن جي زندگيءَ جو تفصيلي احوال نہ ٿو ملي. سندس خطاطيءَ جي نمونن تي صحيح مان پتو پوي ٿو تہ هو 961ھہ/1553ع ۾ مرزا عيسيٰ ترخان جي ڏينهن ۾ بہ حيات هو. ڪاشيءَ جي سرن تي سندس هڪ لکت ملي آهي، جيتوڻيڪ ان تي ڪابہ تاريخ لکيل ڪانہ آهي، پر عام حالتن جي شاهديءَ جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو تہ هيءَ لکت اڳ جي آهي. تحرير جي طرز مان معلوم ٿئي ٿو تہ هو خطاطيءَ جي فن ۾ وڏو ماهر هو. ثلث ۽ نسخ جي خط تي کيس پورو ضابطو هو.