حافظ عبدالله حامدي

حافظ عبدالله حامدي: مشھور ديني عالم حافظ عبدالله، ضلعي ٺٽي جي شھر دڙي ڀرسان ٻيلي ڳوٺ ۾ 19 نومبر 1914ع تي ڄائو. چئن سالن جو ٿيو تہ سندس والد ميان حامد کيس قرآن شريف پڙهائڻ شروع ڪيو. 11 سيپارا ياد ڪرڻ بعد استاد حافظ محمد اسماعيل کيس قرآن شريف پڙهائڻ لڳو ۽ هن 9 سالن جي ننڍي ڄمار ۾ کيس مڪمل قرآن شريف حفظ ڪرايو. حافظ ٿيڻ بعد عبدالله حامديءَ لاءِ ٻہ تقريبون منعقد ٿيون جن مان هڪ ڦٽوڻ لڳ گولاڙچيءَ ۾ ۽ ٻي تقريب ميرپوربٺوري لڳ جوڻيجا ڳوٺ ۾ ٿي. هنن تقريبن ۾ سڄيءَ سنڌ مان 300 جيد ديني عالم شريڪ ٿيا. ان بعد حافظ عبدالله وڌيڪ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سجاول جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي قابل استادن مولوي فتح علي، مولوي محمد اڪرم ۽ مولوي سيد محمد نور شاھہ ملتان واري کان ديني تعليم حاصل ڪيائين. ان کانسواءِ شادي پليءَ ۾ مولانا محمد عثمان ڀنڀري وٽ ديني علم جا ڪيترا ڪتاب مڪمل ڪري دستار فضيلت حاصل ڪيائين. ديني تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ1931ع ڌاري پنھنجي ڳوٺ ٻيلي ۾ مدرسو قائم ڪري ديني تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين.
حافظ عبدالله ان کانپوءِ بدين ويجهو لڌائيءَ ۾ مدرسو کوليو، جتان ڪافي شاگردن ديني تعليم حاصل ڪئي. بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي مدرسن ۽ مسجدن ۾ ديني خدمتون سر انجام ڏنائين. 1974ع ڌاري حج جي سعادت حاصل ڪيائين. مولانا عبدالرحمان پسيو، مولوي عزيز الرحمان سڪندري حضرت مولانا حاجي احمد ملاح، مولانا محمد سعيد گوپانگ ۽ ٻيا ڪافي عالم دين، حافظ عبدالله جا همعصر هئا. هن لاڙ ۾ نقشبندي سلسلي کي پکيڙيو. هن 12 جمادي الاول 1409ھہ/ 7 جنوري 1988ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.11.19  عيسوي

مشهور ديني عالم حافظ عبدالله، ضلعي ٺٽي جي شهر دڙي ڀرسان ٻيلي ڳوٺ ۾ 19 نومبر 1914ع تي ڄائو.


1988.01.07  عيسوي

هن 12 جمادي الاول 1409هه/ 7 جنوري 1988ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شھاب الدين ڪٽوهر مولوي
پير الاهي بخش انصاري محبوب الاهي
سيد محمد شاھہ مست
نذر حسين سڪندري ڊاڪٽر
ڊومڪي علامہ مقصود علي
عبدالغفور ٺٽوي، مخدوم
حافظ محمد صديق رح
دراني جھان خان مولانا
مخدوم عبداللطيف ٺٽوي
شاھہ عنايت ﷲ جيلاني
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون