حافظ عبدالڪريم پهوڙ

حافظ عبدالڪريم پهوڙ

حافظ عبدالڪريم پهوڙ

حافظ عبدالڪريم پهوڙ: خاڪسار تحريڪ جو اڳواڻ ۽ اداڪار حافظ عبدالڪريم ولد عبدالله پهوڙ 1913ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ قرآن شريف حفظ ڪيائين. 1933ع واري خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ وقت
ميمبر شپ فارم پنھنجي رت سان ڀريائين. خاڪسار تحريڪ جي اڳواڻ عنايت مشرقيءَ جي قيادت ۾ لاڙڪاڻي شھر جو ’سالار‘ مقرر ٿيو. خاڪسار تحريڪ جي گڏجاڻين جي سلسلي ۾ لکنئو، دهلي، ملتان، لاهور ۾ وڃي لکن جي تعداد ۾ شريڪ ماڻهن کي خطاب ڪيائين. هن پنھنجي سموري عمر عوام جي خدمت ڪندي گذاري. لاڙڪاڻي شھر ۾ ڪو ٻار کيس هٿ ايندو هو تہ حافظ عبدالڪريم ٻار کي سائيڪل تي ويهاري سڄي شھر جي رستن ۽ گهٽين ۾ گهمائي مالڪن کي ڳولي ٻار پهچائيندو هو. 1933ع کان 1980ع تائين شھر جي لاوارث لاشن کي غسل ۽ ڪفن ڏيئي دفنائيندو هو. 1942ع ۾ سنڌ اندر آيل ٻوڏ دوران حافظ عبدالڪريم هڪ ٻيڙي حاصل ڪري ڪيترن ئي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻچڙن ۽ سامان سميت درياھہ جي ڪناري خاڪسار تحريڪ پاران قائم ڪيل ڪئمپن ۾ پھچايو. حافظ عبدالڪريم جي سرپرستيءَ ۾ سوين شاگرد حافظ قرآن ٿيا. هن حشر ڪاشميري'>آغا حشر ڪاشميري ۽ ماستر رحمت علي رحمت جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ’هيرو‘ جو ڪردار ادا ڪيو. جن ۾: ’نيڪ پروين‘، ’ليليٰ مجنون‘، ’ڦولون ڪي هٿڪڙي‘، ’رستم سهراب‘، ’اورنگزيب‘، ’ڪشمش‘، ’ميٺا زهر‘ ۽ ’ڪشمير ڪي ڪلي‘ ڊراما شامل آهن. حافظ عبدالڪريم لاڙڪاڻي اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽيءَ جو نائب صدر بہ رهيو. هن ڊراما سوسائٽيءَ سنڌ ۾ ڊرامي جي واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو. کيس سياسي، سماجي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترا دفعا لاڙڪاڻي ميونسپالٽيءَ جو ڪائونسلر بہ چونڊيو ويو.
هن مارچ 1984ع ۾ 71 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھہ ’ابوبڪر‘ قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو