حافظ علي محمد آخوند

حافظ علي محمد آخوند: عالم ۽ اديب آخوند علي محمد ولد آخوند حاجي محمد قاسم 28 جنوري 1865ع تي شھر هالا ۾ جنم ورتو. سندس والد وڏو عالم هو. هن قرآن شريف، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪئي ۽ قرآن شريف حفظ ڪيو. ان کان سواءِ ٻين عالمن کان بہ حديث جي ڄاڻ حاصل ڪيائين. والد جي وفات کان پوءِ گهڻو عرصو ديني تعليم ڏنائين. کيس ننڍپڻ کان ئي ادب سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي. ڪجهہ قدر شاعري پڻ ڪيائين. هالا جي مخدوم خاندان سان سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي وا بستگي ۽ دوستاڻا تعلقات هئا. هن سروري خاندان، سروري جماعت ۽ سروري تعلقدارن جي احوال تي مبني ڪتاب ’گنجينئه اسرار سروريه‘ جي نالي سان مرتب ڪيو. حافظ علي محمد آخوند، 29 مئي 1931ع تي وفات ڪئي. کيس هالا ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1865.01.28  عيسوي

عالم ۽ اديب آخوند علي محمد ولد آخوند حاجي محمد قاسم 28 جنوري 1865ع تي شهر هالا ۾ جنم ورتو.


1931.05.29  عيسوي

حافظ علي محمد آخوند، 29 مئي 1931ع تي وفات ڪئي. کيس هالا ۾ دفن ڪيو ويو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي شيرازي
آءِ آءِ قاضي علامہ
شيخ محمد حسين سيوهاڻي
ملا دائود سيوستاني
عبدالقيوم ميراڻي پروفيسر ڊاڪٽر
ٿانوي اشرف علي مولانا
حسين بن دلدار علي علامہ
شبير احمد عثماني علامہ
آريجو غلام محمد
خادم حسين شاھہ نقوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون