حافظ محمد صديق رح: هند ۽ سنڌ جي هن مشھور عالم ۽ بزرگ 1234ھہ/ 1819ع ڌاري جنم ورتو. هيءُ سما قبيلي مان هو. والد جي وفات وقت سندس عمر 4 کان 5 سال هئي. سندس والدہ قرآن پاڪ جي تعليم لاءِ کيس ان وقت جي مشھور درسگاھہ ماڙي جندو (ويجهو احمد پور لمه، سابق رياست بھاولپور) ۾ داخل ڪرايو، جتي ڪجهہ وقت مخدوم صاحب السير جي صحبت هيٺ رهيو. جنهن کيس شفقت طور پنھنجي هڪ چادر عطا ڪئي. ڪجهہ عرصو درسگاھہ ماڙي جندو مان بنيادي تعليم پرائڻ کانپوءِ حضرت سيد محمد راشد جي حڪم سان ڀرچوندي شريف، ڏهرڪي جي ويجهو هڪ ننڍڙي بستي سوئي ۾ رهائش پذير حضرت محمد حسن جيلاني جي صحبت ۾ ڇڏيو.
ان وقت سندس عمر يارنهن سال هئي. حضرت سيد محمد حسن جيلاني، هن کي قرآن و سنت جي ڳوڙهن رازن سان روشناس ڪرايو ۽ عربي ۽ فارسي ٻولي سيکاري. 1254ھہ/1836ع ۾ مرشد جي وفات کانپوءِ ان جي فرزند ميان محمد حسين جي صحبت ۾ رهيو. ميان محمد حسين جي وفات کانپوءِ پنھنجي ڳوٺ ڀرچونڊي واپس آيو. سندس هٿ تي 3 لک ماڻهن بعيت ڪئي. 1857ع کان انگريزن برصغير هند تي بربريت قائم ڪئي، ان دؤر ۾ هن خاص مسلمانن ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي. روحاني تعليم جي سلسلي ۾ سلوڪ جو رسالو لکيائين، جيڪو هڪ نا معلوم ڪاتب 1335ھہ/1917ع ۾ اصل ماخذ تان اتاري عام ڪيو.
وٽس عاليشان ڪتب خانو بہ هو. سندس ڪتبخاني ۾ هزارن جي تعداد ۾ قلمي ڪتاب موجود هئا. سندس گفتگو ۾ سنڌي سميت عربي، فارسي، هندي ۽ سرائڪي بيت شامل هوندا هئا. ڄام ابو النصير، ڄام ڀنڀو، قاضي لعل بخش، قاضي دين محمد، دريا خان کٽڻ، سردار فتح علي خان پتافي، سردار نظر علي خان گڏائي، رئيس صيفل خان سيال، سردار محمد بخش خان مهر، سردار ﷲ بخش خان سکيجو مهر، ميان جي موليڏنو ۽ ٻيا سندس صحبتي هوندا هئا ۽ وٽائنس فيضياب ٿيا. سندس خليفن جو تعداد 12 کان وڌيڪ هو، جن ۾ حضرت حافظ جو ڀائيٽو حضرت عبدالله شيخ ثاني، (ڀرچونڊي) تاج الاولياء خليفو ابوالحسن تاج امروٽي، (امروٽ شريف) سراج السالڪين خليفو غلام محمد دين پوري، (دين پور شريف) ضلعي رحيم يار خان، خليفو مولانا عبدالغفار خان ڳڙهي، (خان ڳڙھہ ضلعو گهوٽڪي) خليفو مولانا شمس الدين احمد پوري (احمد پور لمه جي ويجهو بھاولپور) خليفو رب ڏنو هڪڙو (رتو ديرو ضلعو لاڙڪاڻي) خليفو ابو انجير، (ڪوئٽا) مولانا عمر جان نقشبندي چشمي وارو خليفو محمد عمر شاھہ عراق (ايران جي سرحد جي ويجهو عراق) خليفو عبدالعزيز ڪارو باغ، خليفو عبدالرحمٰن ڪابلي (ڪابل) قابلِ ذڪر آهن. سنڌ جو وڏو عالم، اديب ۽ آزاديءَ جي تحريڪ جو تاريخ ساز شخص مولانا عبيدالله سنڌي بہ حافظ محمد صديق جي صحبت ۾ رهيو ۽ سندس ئي هٿ تي بيعت ڪري اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿيو هو. حافظ محمد صديق، 22 جنوري 1891ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ضلعي گهوٽڪي ۾ آهي.