حافظ محمد عبدالله ٽکڙائي بسمل

حافظ محمد عبدالله ٽکڙائي بسمل: علامہ حافظ محمد يوسف جو ٽيون ۽ ننڍي ۾ ننڍو فرزند، حافظ محمد عبدالله ”بسمل“ 1306ھہ/ 1888ع ۾ موجود ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو. تعليم و تربيت وٺڻ لاءِ پنھنجي والد جو مڪتب ئي ڪافي هوس. سنڌي ۽ پارسي جي تعليم سان گڏ قرآن ڪريم بہ ياد ڪيائين. اتان فارغ ٿيڻ کان پوءِ علامہ اسدالله شاھہ ”فدا“ وٽ عربي پڙهڻ لاءِ ويٺو. مگر جلد ئي پنھنجي والد جي وفات ڪري، تعليم ڇڏي گهر جي ڪم ڪار ۾ ڀاءُ سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻو پيس. حافظ محمد هارون کانپوءِ، پارسي ۾ ماهر حافظ عبدالله ”بسمل“ ئي هو. ٽکڙ جي عالمن ۽ فاضلن جي آخري نشاني بہ حافظ صاحب ئي هو. سندس زندگيءَ جو وڏو عرصو درس و تدريس ۾ گذري ويو. پر جيئن تہ ٽکڙ ۾ ڪا ايڏي آمدني نہ هيس، انهيءَ ڪري 1335ھہ/ 1916ع ڌاري حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين ۽ ذريعہ معاض لاءِ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندو رهيو. هن خاندان جي افراد کي خدا تعالى علم جي دولت سان سرفراز ڪيو هو، پر مال ۽ زر جي دولت کان بلڪل محروم رهيا. سندس ذريعو آمدني جو فقط علم هو، جنهن مان کين ايڏو اپراسو ڪونه ٿيندو هو، جنهن مان سکي ستابي زندگي گذاري سگهن. ڪجهہ عرصو حيدرآباد ڇڏي وري ٽکڙ ۾ آيو، جتي حضرت آغا حسين جان سرهنديءَ حضرت صاحب جي درگاھہ (مقبره) واري مڪتب ۾ کيس معلم ڪري رکيو، مگر اتي بہ حافظ صاحب جي آزاد طبيعت کي چين نہ آيو ۽ اها ملازمت بہ ڇڏي ڏنائين. پاڪستان کان ڪجهہ عرصو اڳ عبدالشڪور منشيءَ جي زيرِ نگراني حيدرآباد مان روزانہ ”هلال پاڪستاناخبار شايع ٿيڻ لڳي. پاڻ اتي ملازمت شروع ڪيائين، کيس شاعر خاص ڪري رکيو ويو. ”هلال پاڪستان“ ۾ روزانو حافظ صاحب جو قومي ۽ نعتيه ڪلام شايع ٿيندو هو. حافظ صاحب پنھنجي ڪلام جي ذريعي قوم ۽ ادب جي ڪافي خدمت ۽ ترجماني ڪئي آهي. حافظ صاحب پڇاڙيءَ جا ڏينهن ڪنج غم ۾ گذاريا. بيمارين جي مسلسل حملن کيس نحيف ۽ لاغر بنائي ڇڏيو هو. ايڏي رقم تہ هيس ڪانہ جو ترت علاج ڪرائي سگهي، نہ ئي وري اسان جي گورنمينٽ سندس علاج و معالجي ڏانهن ڪو توجهو ڏنو. کيس خود بہ سندس بچڻ جو امڪان گهٽ هو ۽ پنھنجي هڪڙي غزل ۾ انهيءَ حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو اٿس. جنهن ۾ سندس بيماري، مفلسي ۽ سنڌين جي بي قدريءَ جو نقشو نمايان نظر اچي ٿو. فرمائي ٿو تہ:
هڪ تہ پيري ٻيو وري مرضن ڪيو آهي هجوم،
هاڻ ڏسجي ڪيئن ٿو ”بسمل“ ناتوان زندہ رهي.
حافظ صاحب 20 آڪٽوبر 1950ع ۾ پنھنجي عمر جا اٽڪل 64 سال ڪاٽي، هن جهانِ فاني مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ڪو نرينو اولاد ڪونهي. هن خاندان جو حافظ صاحب آخري شاعر هو. سندس ڀائيٽو حافظ الھہ ڏنو، زماني جي مجبورين ڪري، شاعريءَ کان بلڪل نا آشنا آهي، هاڻ ائين کڻي چئجي تہ هن قديمي خاندان جي شاعريءَ جو سلسلو في الحال تہ منقطع ٿي ويو آهي. حافظ صاحب جي شاعريءَ جي ابتدا اٽڪل يارهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ ٿي. سندس پهريون استاد سندس والد حافظ محمد يوسف ۽ پوءِ حافظ محمد هارون ”دلگير“ هئا. هي اهو زمانو هو جڏهن ٽکڙ جي شاعري جو ستارو بامِ عروج تي پهتل هو. ٽکڙ جي هر ذي فھم انسان کي شعر چوڻ بلڪل سڻائو لڳو ٿي. شاعرن جي صحبت ۽ استادن جي اصلاح مان حافظ صاحب چڱو فيض پرايو ۽ شاعريءَ جي ميدان ۾ سمندِ خيال کي بہ خوب ڪڏايائين. ان وقت ٽکڙ مان نڪرندڙ رسالن ”بھار اخلاق“ ۽ ”الاصلاح“ ۾ سندس ڪلام شايع ٿيندو هو. انهيءَ دور جي ختم ٿيڻ کان پوءِ حافظ صاحب جي ڪلام کي اڃا بہ وڌيڪ وسعت ملي. عموماً هر اخبار ۽ هر رسالي ۾ سندس ڪلام شايع ٿيندو هو. ڪيتريون اخبارون سندس نالي جي اڳيان ”استاد الشعراء“ لکنديون هيون. حافظ صاحب جو ڪلام نهايت پختو، سهڻن لفظن، بلند خيالن، چست بندشن، سهڻن محاورن سان سينگاريل آهي. پنھنجي اوائلي دور کان وٺي وچين دور تائين، صاف سنڌي چڱي ڪم آندي اٿس. غزل بہ گهڻو ڪري انهيءَ دور ۾ چيو اٿس. پوءِ ”خال خط“ جي خرخسي کي ترڪ ڪري پنھنجي قوم کي بيدار ڪرڻ خاطر نظم لکيا اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1888.00.00  عيسوي

حافظ محمد عبدالله ” بسمل “ 1306هه/ 1888ع ۾ موجود ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو


1950.10.20  عيسوي

حافظ محمد عبدالله ” بسمل “ 20 آڪٽوبر 1950ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

در محمد فقير
صاحب راءِ آزاد
شھاب الدين صوفي
عباسي نور محمد نور
صابر موچي
روحل فقير
مير حاجن مير
بھرو ڇاٻڙيا بيوطن
بيوس رضوي
جوڻيجو عبدالغفور عابد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون