حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي : حافظ محمد هارون ”دلگير“ ولد حافظ محمد يوسف 1299ھہ/ 1881ع ۾ موجودہ ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو. ٻارهن سالن تائين ”دلگير“ مرحوم پنھنجي پيءُ وٽ پارسي ۽ سنڌي پڙهي پڄائي. انهيءَ کان پوءِ قرآن ڪريم ياد ڪيائين. 1314ھہ/ 1896ع کان 1316ھہ/ 1898ع تائين، علامہ اسد ﷲ شاھہ ”فدا“ وٽ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. 1316ھہ / 1898ع ۾، آقا محمد حسين جان کيس پنھنجي فرزند، محمد اسماعيل جان ۽ محمد يعقوب جان جي تعليم لاءِ مقرر ڪيو. حافظ صاحب صاحبزادن کي تعليم ڏيڻ سا گڏ خود بہ پير صاحب جي صحبت مان جهجهو فيض پرايو. علمي رهاڻين ۽ شاعريءَ جي محفلن ”دلگير“ جي قلم کي ڪافي قوت پڄائي. اهو سلسلو 1328ھہ/ 1910ع تائين هليو، جيستائين پير صاحب ٽکڙ ۾ رهيو. هنن برگزيده بزرگن جو درس و تدريس کان سواءِ ٻيو ڪو بہ ظاهري طور ذريعہ معاش ڪونه هو. تنهن ڪري مفلسيءَ جو مڙئي مٿن مارو رهندو هو. حافظ محمد يوسف جي وفات کانپوءِ سندس درسگاھہ ”دلگير“ جو دامن جهليو ۽ ”دلگير“ جي سرچشمه فيض مان گهڻائي علم جا اڃايل سيراب ٿيا. سعيد پور واري سيد محمد ڪامل شاھہ مرحوم جو ”دلگير“ سان خاص قرب هوندو هو. سندس خط و ڪتابت جو ڪم بہ ”دلگير“ ڪندو هو. جڏهن بہ سندس صاحبزاده گرمين جي موڪلن ۾ ڳوٺ ايندا هئا، تڏهن يڪدم”دلگير“ کي گهرائيندو هو تہ اچي کين ديني تعليم ڏئي. حافظ صاحب کي ڪامل شاھہ کان چڱو خاصو وظيفو ملندو هو. جيئن تہ اڳي گهڻو ڪري پارسي ۾ هلندي هئي، انهيءَ ڪري ”دلگير“ خط پٽ لکڻ، شادين جي دعوتن جي مسودن ٺاهڻ، ڪنهن جي ولادت يا وفات تي قصيدن يا مرثين چوڻ ۽ قطعه تاريخ لکڻ مان ڪجهہ نہ ڪجهہ حاصل ڪري وٺندو هو. ”دلگير“ حافظ خاندان جو پهريون فرد هو، جنهن پنھنجي گذاران لاءِ ٽکڙ کان ٻاهر نڪري هٿ پير هنيا. ”دلگير“ نهايت اعليٰ پايه جو خطاط بہ هو. ڪيترا ليٿو پريس وارا پنهنجا ڪتاب وغيرہ حافظ صاحب کان ئي لکائيندا هئا. گهڻا شوقين اصحاب ناياب قلمي ڪتاب وٽانئس ڪتابت ڪرائيندا هئا. ان وقت ٽکڙ مان نڪرندڙ رسالن، ”بھار اصلاح“ ۽ ”الاصلاح“ جو ڪاتب حافظ صاحب ئي هو. علامہ اسد ﷲ شاھہ جي ڪتابن جا مڙيئي مطبوع نسخا بہ حافظ صاحب ئي تيار ڪيا هئا. متعلوي ساداتن جي پراڻي شجري کي اتاري نئون ڪيو ويو، سو بہ حافظ صاحب جي هٿ جو فن هو، جنهن جو معاوضو کيس ڪي مڻ اناج ۽ ڪجهہ روڪڙ مليو. انهن اکرن کي ڏسي، حافظ صاحب کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. مرحوم جي فارسي داني ۽ نثر نويسي ۽ انشا پردازيءَ تي وقت جا نامور عالم ۽ فاضل بہ رشڪ کائيندا هئا. مرحوم سنڌي زبان جو بہ هڪ سٺو انشاپرداز هو. سندس مضمونن کي جيڪڏهن گڏ ڪري شايع ڪجي، تہ هوند پارسي ۽ سنڌي زبانن جي انشاء جو چڱو مجموعو موجود ٿي سگهي ٿو. مگر افسوس زماني جي لاهين چاڙهين جي ڪري اهي جواهر پارا اهڙي اهڏ ۾ اچي ويا، جو انهن جو هن وقت ملڻ نهايت مشڪل آهي. صرف ڪي زباني روايتون وڃي رهيون آهن ۽ ڪجهہ فارسي ڪتابن تي سندس لکيل تقريطون ۽ تاريخي قطعات آهن. حافظ صاحب جي وفات نهايت پردرد ٿي. 1340ھہ/ 1921ع ۾ کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو فاروق رکيائين. هن ٻار جي پيشانيءَ ۾ ننڍپڻ کان ئي بزرگيءَ جا آثار موجود هئا. جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، تيئن تيئن حسنِ صورت سان گڏ حسنِ سيرت ۾ بہ ترقي ڪندو ويو. اهڙو اولاد هونئن بہ هر هڪ رشتيدار جي دل ۾ گهر ڪري ويندو آهي، پر هن سھڻي سلڇڻي پٽ تي حافظ صاحب جو بيحد پيار هوندو هو. مگر افسوس قضا ۽ قدرت جي ڪير آڏو اچي. معصوم محمد فاروق 4 ذوالقعد 1352ھہ/ 1933ع ۾ وفات ڪري پيءُ جي ڄڻ ڪمر ٽوڙي وڌي. انهيءَ کان پوءِ حافظ صاحب غمگين گذارڻ لڳو. پوري چوٿين مهيني يعني 11 ربيع الاول 1353ھہ/ 1934ع آچر جي ڏينهن منجهند مهل، جيئن سعيد پور مان گهوڙي تي چڙهي گهر پهتو ۽ وهنجي سهنجي اڃا مانيءَ تي ويٺو ئي مس، تہ کيس رت جي اُلٽي آئي ۽ جيسين حڪيمن جو هٿ رسي، تيسين هن مفلس عالم ۽ فاضل جو روح قفس عنصريءَ مان پرواز ڪري ويو. کيس صرف هڪ نياڻي هئي، جا بہ رحلت ڪري ويئي. شاعري ڄڻ تہ ”دلگير“ جو ورثو هئي. طبيعت ايتري قدر روان هوندي هئس جو ڪنهن بہ ”طرح“ تي في البديھہ شعر چئي ويندو هو. جن ڏينهن ۾ ”مخلص“ روپوش ٿي ٽکڙ ۾ آيو هو. انهن ڏينهن ۾ ٻنهي جا پاڻ ۾ شاعرانه معرڪا ٿيندا هئا. ”دلگير“ جو جيڪو بہ ڪلام هٿ آيو آهي، انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ سنڌي شعر تمام گهٽ چيو اٿس ۽ سنڌيءَ ۾ جو ڪجهہ چيو اٿس سو بہ سڄو پارسيءَ زبان جي ترڪيبن، محاورن، استعارن ۽ ڪناين سان ڀريل آهي. سنڌيءَ ۾ ڪي تہ اهڙا شعر اٿس، جو سواءِ پارسي دان جي ٻيو ڪو بہ سمجهي نہ سگهندو. البت هڪ غزل هٿ آيو آهي، جو سڄو تجنيس حرفي ۽ خاص سنڌي محاورن سان سينگاريل آهي.
1881.00.00 عيسوي
حافظ محمد هارون ” دلگير “ 1299هه/ 1881ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو
1934.00.00 عيسوي
حافظ محمد هارون ” دلگير “11 ربيع الاول 1353هه/ 1934ع آچر جي ڏينهن منجھند مهل هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو