حافظ محمد يوسف ٽکڙائي : حافظ محمد يوسف ولد حافظ محمد هارون1228ھہ/1813ع۾ اڳينءَٽکڙ ۾ ڄائو. سندس والد، حافظ محمد هارون، پنھنجي وقت جو هڪ جيد عالم هو. سندس مڪتب مان ٽکڙ ۽ ٻينڳوٺن جا شاگرد علم جي دولت سان مالا مال ٿي ويندا هئا. حافظ محمد يوسف پنھنجي والد کان عربيءَ، پارسي ۽ سنڌي جي تعليم حاصل ڪئي. قرآن مجيد جي حفظ ڪرڻ جو بہ شرف حاصل ٿيس. ٽکڙ ۾ تعليم کان فارغ ٿي پنھنجي والد سان گڏ مدرسي ۾ بہ تعليم ڏيندو رهيو ۽ گهر جي ڪمڪار ۾ بہ پيءُ جي همراهي ڪندو رهيو. وڌيڪ علم جي تحصيل لاءِ پنھنجي والد جي ڪتب خاني جو (جو، حافظ عاليءَ جي زماني کان وٺي وٽن پشت بہ پشت هلندو پئي آيو) مطالعو ڪندو رهيو. والد جي وفات کان پوءِ پاڻ ئي مدرسي جو مهمم ٿيو. جڏهن اڳينٽکڙ سنڌو درياءَ جي اٿلڪري زير آب ٿي، تڏهن حافظ صاحب بہ ٻين ماڻهن وانگي موجودہ ٽکڙ ۾ اچي رهيو ۽ پنهنجو مدرسو جاري ڪيائين. موجودهٽکڙ ۾ سندس مدرسو اوج ۽ ڪمال تي پهتو. پري پري جا شاگرد، حافظ صاحب جي فيض مان مستفيد ٿيڻ لاءِ ٽکڙ ۾ اچڻ لڳا. سندس ئي فيض ۽ تربيت ڪريٽکڙ مان ”مخلص“، ”فدا“، ”حافظ شاھہ“، ”دلگير“ ۽ ”بسمل“ جھڙا مشھور عالم ۽ شاعر پيدا ٿيا. حضرت شاھہ صاحب خواجہ عبدالرحمٰن سرهنديءَ جي ٽکڙ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻڪري،ٻين ماڻهن وانگي، حافظ صاحب بہ سندن مريد ٿيو. ٽکڙ جي ساداتن ۽ عام ماڻهن جي استاد هئڻڪريڳوٺ ۾ سندس حد کان وڌيڪ عزت ڪئي ويندي هئي. حافظ صاحب تمام اعليٰ پايي جو خوشخط هو. سندس رسم الخط کي ڏسيڇاپي جو دوکو ٿئيٿو. ٽکڙ جي سيدن جي شادين جا دعوت ناما ۽ خط پٽ حافظ صاحب ئي لکندو هو. انهن خطن جي طرز تحرير کي ڏسي معلوم ٿوٿئي تہ حافظ صاحب جيد عالم هو. شاعري کيس حافظ عالي کان ورثي ۾ ملي. پاڻ گهڻنٽکڙائي شاعرن جو استاد هو. سندس ڪلام زماني جي خورد برد ڪري ناپيد ٿي ويو آهي. سندس ڪلام اڪثر پارسيءَ ۾ هو، جو گهڻوڪري اوڏهيءَ جو کاڄٿي ويو. ڪجهہ سنڌيڪلام هٿ آيو آهي. سندس اولاد مان ”دلگير“ ۽ ”بسمل“ بلند پايه جا شاعر پيدا ٿيا. سندس وفات جو سال 1322ھہ/ 1904ع آهي.
1904.00.00 عيسوي
حافظ محمد يوسف 1904ع ۾ وفات ڪئي