حافظ محمد 1: ڀارت جي مشهور ديني عالم ۽ ليکڪ حافظ محمد ولد حافظ بارڪ الله جو جنم 1815ع ڌاري فيروزپور، ڀارت ۾ ٿيو. هيءُ قرآن مجيد جو حافظ هو. هن حديث جي تعليم سهارنپور جي مولانا شاهه عبدالغني، مهاجر مدني ۽ مولانا احمد علي سهارنپوريءَ کان حاصل ڪئي، کيس عربي، فارسي، فقهه، تفسير ۽ صرف و نحو تي مڪمل عبور حاصل هو. عملي زندگي ۾ درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو. هن جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن.’احوال ال آخرت‘ سندس لکيل اهم ڪتاب آهي، جنهن کان مولانا عبيدالله سنڌي متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو هو. ان کان سواءِ سندس اهم تصنيف ’تفسير محمدي‘ آهي، جيڪو پنجابي ٻوليءَ ۾ آهي.
ان کان سواءِ سندس هيٺيان ڪتاب لکيل آهن: (1) ’مجاهد الاسلام‘، (2) ’انواع محمدي‘ (بلوغ المرام جو ترجمو)، (3) ’زينت السلام‘، (4) ’قوانين صرف‘، (5) ’ابواب الصرف‘، (6) ’نوحه نامه‘، (7) ’سيف النسته‘ ۽ (8) ’عقائد محمدي‘. هن بزرگ 1894ع ڌاري وفات ڪئي.