حافظ محمد 1

حافظ محمد 1: ڀارت جي مشھور ديني عالم ۽ ليکڪ حافظ محمد ولد حافظ بارڪ جو جنم 1815ع ڌاري فيروزپور، ڀارت ۾ ٿيو. هيءُ قرآن مجيد جو حافظ هو. هن حديث جي تعليم سهارنپور جي مولانا شاھہ عبدالغني، مهاجر مدني ۽ مولانا احمد علي سهارنپوريءَ کان حاصل ڪئي، کيس عربي، فارسي، فقھہ، تفسير ۽ صرف و نحو تي مڪمل عبور حاصل هو. عملي زندگي ۾ درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو. هن جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن.’احوال ال آخرت‘ سندس لکيل اهم ڪتاب آهي، جنهن کان مولانا عبيدالله سنڌي متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو هو. ان کان سواءِ سندس اهم تصنيفتفسير محمدي‘ آهي، جيڪو پنجابي ٻوليءَ ۾ آهي.
ان کان سواءِ سندس هيٺيان ڪتاب لکيل آهن: (1) ’مجاهد الاسلام‘، (2) ’انواع محمدي‘ (بلوغ المرام جو ترجمو)، (3) ’زينت السلام‘، (4) ’قوانين صرف‘، (5) ’ابواب الصرف‘، (6) ’نوحہ نامہ‘، (7) ’سيف النسته‘ ۽ (8) ’عقائد محمدي‘. هن بزرگ 1894ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو