حافظ محمد 2

حافظ محمد 2: حافظ محمد ولد حافظ محمد ابراهيم ميمڻ جو تعلق مٽياري شهر سان هو. هن پنهنجي پيءُ جي وفات بعد ان جي قائم ڪيل مدرسي کي 1918ع کان سنڀالڻ شروع ڪيو. ان دؤر ۾ انگريزن سنڌ جي ڪافي مدرسن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺي، انهن ۾ ’ملا مڪتب‘ جي نالي سان سرشتو لاڳو ڪيو، ملا مڪتب جو نظام هلائيندڙ کي هيڊ ماستر بدران مئنيجر چيو ويندو هو، اهڙيءَ طرح حافظ محمد پنهنجي اسڪول جو مئنيجر مقرر ٿيو. ٻارن جي بهتر تعليم ۽ تربيت لاءِ هميشه ڪوشان رهيو. حافظ محمد جي انهيءَ جذبي ۽ اڻ ٿڪ محنت سبب سندس شاگرد کيس ’سائين وڏو‘ سڏيندا هئا. حافظ محمد، 1918ع کان وٺي 1972ع تائين زندگيءَ جا 54 سال علم جي خدمت ۾ گذاريا. 95 سالن جي ڄمار ۾ 14 مارچ 1989ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1989.03.14  عيسوي

95 سالن جي ڄمار ۾ 14 مارچ 1989ع تي وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راجا رنجيت سنگهه
طارق احمد ميمڻ
اسد قريشي
سڪندر آفتاب خضر
ڀڳت پنجو رام
ڇٽو فقير ڪوريجو
جهمٽ مل ٽلواڻي
دينا واڊيا
انور سيال
حبيب الرحمان ڏيپلائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون