حافظ محمد 2: حافظ محمد ولد حافظ محمد ابراهيم ميمڻ جو تعلق مٽياري شھر سان هو. هن پنھنجي پيءُ جي وفات بعد ان جي قائم ڪيل مدرسي کي 1918ع کان سنڀالڻ شروع ڪيو. ان دؤر ۾ انگريزن سنڌ جي ڪافي مدرسن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺي، انهن ۾ ’ملا مڪتب‘ جي نالي سان سرشتو لاڳو ڪيو، ملا مڪتب جو نظام هلائيندڙ کي هيڊ ماستر بدران مئنيجر چيو ويندو هو، اهڙيءَ طرح حافظ محمد پنھنجي اسڪول جو مئنيجر مقرر ٿيو. ٻارن جي بهتر تعليم ۽ تربيت لاءِ هميشہ ڪوشان رهيو. حافظ محمد جي انهيءَ جذبي ۽ اڻ ٿڪ محنت سبب سندس شاگرد کيس ’سائين وڏو‘ سڏيندا هئا. حافظ محمد، 1918ع کان وٺي 1972ع تائين زندگيءَ جا 54 سال علم جي خدمت ۾ گذاريا. 95 سالن جي ڄمار ۾ 14 مارچ 1989ع تي وفات ڪيائين.
1989.03.14 عيسوي
95 سالن جي ڄمار ۾ 14 مارچ 1989ع تي وفات ڪيائين.