حاقه سورة

حاقه سورة: حاقه سورة قرآن مجيد جي 69 نمبر سورة آهي، جيڪا اسلام جي ابتدائي دؤر ۾ مڪي ۾ نازل ٿي. هن سورة ۾ ٻہ رڪوع ۽ ٻاونجاھہ آيتون آهن. هن سورت جي نالي ۾ اشارو آهي تہ تعاليٰ هر شيءِ تي قادر آهي، جڏهن ان جو حڪم ٿي وڃي ٿو تہ اهو حڪم اٽل هوندو آهي. هن سورة جي پهرئين رڪوع جو آغاز هن ڳالھہ کان ٿئي ٿو تہ قيامت جو اچڻ ۽ آخرت جو برپا ٿيڻ هڪ اهڙي حقيقت آهي، جيڪا ضرور پيش ايندي ۽ جن قومن بہ آخرت جو انڪار ڪيو، سي خدا جي عذاب جون مستحق هونديون. ٻئي رڪوع ۾ بيان ڪيو ويو آهي تہ قرآن مجيد ڪنهن شاعر ۽ ساحر جو ڪلام نہ آهي، بلڪہ هيءُ جو ڪلام آهي ۽ رسول صلي عليہ وسلم کي اها طاقت نہ آهي تہ هو ان ڪلام ۾ پنھنجي طرفان هڪ لفظ ۾ بہ گهٽائي يا وڌائي سگهي. اگر هو ايئن ڪري تہ اسان کان بچي نٿو سگهي.


لفظ حاقه سورةھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو