حال ڌاڳا: ’حال ڌاڳا‘ فقيري ويس کي چوندا آهن، ڪنهن فقير يا درويش جو فقيراڻو سامان، جنهن ۾ ڪنٺا، ڪولابا، ڪشتو، ڪُندري، گودڙي، پڳ، فقيراڻو ويس وغيرہ اچي وڃن ٿا، تن کي ’حال ڌاڳا‘ چئبو آهي. شاھہ لطيف جو سجادہ نشين، شاھہ صاحب جي جنم ڏينهن تي سندس سنڀالي رکيل ويس (پڳ ۽ قميص وغيرہ) پهريندو آهي، ان کي بہ ’حال ڌاڳا‘ سڏيندا آهن.