حال ﷲ ڪلهوڙو (اول): ميان حال ﷲ ڪلهوڙو، ميان دائود خان ڪلهوڙي جو پوٽو ۽ ميان اهيي جو پٽ هو، ڪلهوڙا دور جو هي بزرگ هي پنھنجي دور جو وڏو خطاط ۽ عربي توڙي فارسيءَ جو عالم هو. هن جو جنم 1640ع ۾ ٿيو. هن فقہ تي ڪيترا ڪتاب تصنيف ۽ ڪتابت ڪيا پر انهن مان اڪثر ضايع ٿي ويا. فقط هڪ فارسي مخطوطي جا ڪجهہ ورق خستہ حالت ۾ مليا آهن، جن ۾ تصنيف جي نالو ۽ سن بابت ڪا بہ خبر نہ ٿي پوي، پر جيئن تہ ميان حال ﷲ ڪلهوڙو (اول) جو زمانو 1675ع کان 1725ع تائين چيو وڃي ٿو، ان ڪري اهو يقيني طور چئي سگهجي ٿو تہ هي مخطوطو 17 صدي عيسويءَ جي آخر يا ارڙهين صدي عيسويءَ جي شروعات واري وقت جو آهي. ميان حال ﷲ ڪلهوڙو اقتدار ۾ بہ رهيو. اهم عهدي تي فائز هو ۽ ميان حال ﷲ (اول) ڪلهوڙي 1725ع ۾ وفات ڪئي. هن بزرگ جو مقبرو ڳوٺ ڀاوندا لاکا ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ واقع آهي.