حال ﷲ ڪلهوڙو (ٻيو): ميان حال ﷲ ڪلهوڙو دوم ميان لطف علي ڪلهوڙي اول جو پوٽو هو. هن جي پيدائش 1695ع ڌاري ڳوٺ ڀاوند لاکا قنبر ۾ ٿي. ميان حال ﷲ پنھنجي دور جو سٺو خطاب، ڪاتب ۽ عالم هو. عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ڪيترائي نسخا ڪتابت ۽ تصنيف ڪيائين. هن قرآن مجيد جا بہ گهڻا ئي نسخا لکيا ۽ فقھ جي موضوع تي هن ڪافي ڪتاب لکيا، پر سندس سمورا ڪتاب زماني جي دست برد کان بچي نہ سگهيا ۽ سڀ جا سڀ ضايع ٿي چڪا آهن.
ميان حال ﷲ ڪلهوڙي، ڀاوند لاکا ۾ هڪ مدرسو بہ قائم ڪيو هو، جتي هو ڳوٺ سميت ڀر وارن ڳوٺن جا ٻار بہ پڙهائيندو هو ان سان گڏ ميان حال ﷲ ڪتابت ۽ خطاطي جو ڪم ڪندو هو. سندس هٿ اکرين فارسي تشريح سان يــٰس شريف جو هڪ قلمي نسخو موجود آهي. حال ﷲ ڪلهوڙي 1780ع ڌاري وفات ڪئي، سندس مزار ڀاوند لاکا جي قبرستان ۾ آهي.