حامد شاھہ فقير: حامد شاھہ فقير ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ويجهن ۽ اهم ڪارڪنن ۽ عقيدتمندن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. سندس زندگي ۽ ڪارنامن بابت تفصيل ملي نہ سگهيا آهن. خيرپور ناٿن شاھہ تعلقي جي ڳوٺ ڳاڙهيءَ ۾، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي قبرستان ڀرسان، حامد شاھہ فقير جو قبو واقع آهي.