
حامد علي ميمڻ، ماستر
حامد علي ميمڻ، ماستر: ناليوارو استاد حامد علي ولد ميان عبدالله ميمڻ هالائي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهروفيروز جو ويٺل هو. هي نوشهري مدرسي ۾ پڙهيو ۽ استاد مقرر ٿيو. ڪوٽڙيءَ جي ڊپٽي ڪليڪٽر عبدالله ميان عثمان قريشيءَ، هن کي 5 جنوري 1918ع تي خاص ڪري جي. ايم. سيد کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ سن موڪليو. جي. ايم. سيد پنھنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ ماستر حامد عليءَ لاءِ لکي ٿو تہ: ”ماستر حامد علي ڏيڍ سال کن مون وٽ رهيو ۽ انگريزيءَ جي تعليم ڏنائين. ٿوري گهڻي انگريزي جيڪا مون کي اچي ٿي، ان جو بنياد سندس معرفت پيو، انگريزي تعليم کان زياده سندس ذريعي مون کي عام سياسي معلومات نصيب ٿي، جنهن جو مختصر ذڪر ’پنھنجي ڪهاڻي پنھنجي زباني‘ ڪتاب ۾ ڪيو اٿم.“ بعد ۾ حامد علي ميڊيڪل اسڪول حيدرآباد ۾ ڪجهہ سال پڙهيو، آخري امتحان پاس ڪرڻ کانسواءِ ڳوٺ وڃي رهيو. زمينداريءَ جي شوق سبب ڪافي ملڪيت ٺاهيائين.
1918.01.05 عيسوي
ڪوٽڙيءَ جي ڊپٽي ڪليڪٽر عبدالله ميان عثمان قريشيءَ، هن کي 5 جنوري 1918ع تي خاص ڪري جي. ايم. سيد کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ سن موڪليو.