حامد ﷲ ٻيلوي، مولانا: سنڌ جو مشھور عالم مولانا حامد ﷲ ولد ميان گل محمد ذات جو ميمڻ هو ۽ ٻيلي شهر، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتائين. ان نسبت سان ’حامدالله ٻيلوي‘ سڏبو هو. حامد ﷲ ميمڻ، قرآن شريف جي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ ورتي. عربي ۽ فارسي ٺٽي ۾ مولوي عبدالرحيم کٽيءَ وٽ پڙهيو. ان بعد باقي تعليم لاڙڪاڻي ۾ علامہ عطاءُ ﷲ فيروز شاهيءَ وٽ پوري ڪري دستاربند ٿيو. تعليم جي تحصيل بعد تعلقي ميرپوربٺوري ۾ سوهُن جي ڳوٺ ۾ درس ۽ تدريس جو آغاز ڪيائين. ڪجهہ عرصي کانپوءِ عربستان هليو ويو ۽ اتان ڏهن سالن کانپوءِ واپس اچي سجاول جي سيد عبدالرحيم شاھہ سجاوليءَ جي قائم ڪيل مدرسي هاشميه ۾ پڙهائڻ لڳو.
مولانا حامد ﷲ ٻيلويءَ سياسي زندگيءَ جي شروعات ’خلافت تحريڪ‘ ۾ شموليت سان ڪئي. جڏهن خلافت تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انگريزن پنھنجي طرفدار ۽ ’امن سڀائي‘ عالم مولوي فيض الڪريم نوشهري فيروزائيءَ کان ’تحقيق الخلافت‘ نالي رسالو جاري ڪرائي، انگريزن جي حمايتي شريف مڪه جي حق ۾ ۽ خلافت تحريڪ جي خلاف فتويٰ جاري ڪرائي تہ خلافت جي حامي حق پرست عالمن انهيءَ فتويٰ جي جواب ۾ ’اظهار الڪرامة‘ نالي رسالو جاري ڪيو، جنهن جي تصديق ۽ تائيد مولانا حامد ﷲ ٻيلويءَ ڪئي. مولانا صاحب انگريزن خلاف ’خلافت تحريڪ‘ ۾ وڏيءَ سرگرميءَ سان ڪم ڪيو. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوٺايل ڪيترن جلسن جون صدارتون ڪيائين. جڏهن ٻيلي شھر کي درياھہ پاتو تہ مولانا صاحب اُتان لڏي اچي ’ڦٽوڻ‘ ۾ رهيو ۽ حياتيءَ جا باقي ڏينهن اتي ئي گذاريائين.
لاڙ جي هن جيد عالم 1438ھہ/1919ع ڌاري وفات ڪئي.