حام بن نوح

حام بن نوح: حام حضرت نوح عليہ السلام جو پٽ هو. قرآن مجيد ۾ ان جو ذڪر صراحت سان ناهي آيو. حام طوفانِ نوح عه ۾ پنھنجي ڀائرن سام ۽ يافث سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ موجود هو. حام جي باري ۾ هڪ روايت آهي تہ حضرت عيسيٰ عليہ السلام، حام جي قبر تي ’قُم باذن ‘ چئي ان کي ڪجهہ عرصي لاءِ جيئرو ڪري ان کان طوفانِ نوح عه جو سڄو احوال معلوم ڪيو. تاريخ طبري جو مصنف ڄاڻائي ٿو ته، ’حام جوانيءَ جي عالم ۾ فوت ٿي ويو هو.‘
مسلمان مؤرخن اهو بہ لکيو آهي تہ: ”حضرت نوح عه جي بد دعا سبب حام جو رنگ ڪارو ۽ وار گهنگهرو ٿي ويا“ ۽ ان کانسواءِ حضرت نوح عه اها بہ دعا گهري هئي تہ سڀ پيغمبر سام جي اولاد مان ۽ سڀ بادشاھہ يافث جي اولاد مان ٿين ۽ حام جو اولاد سام ۽ يافث جي اولاد جو خدمت گذار ٿئي. روايتن ۾ اهو بہ ڄاڻايل آهي تہ حضرت نوح عه سڄي زمين پنھنجي ٽن پٽن ۾ تقسيم ڪري ڇڏي هئي. حام کي نيل نديءَ کان وٺي مغرب جو علائقو (آفريڪا) ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ هو ’ابو الحبش‘ سڏجڻ لڳو. حضرت نوح عه جو هڪ پٽ نافرمان ٿيو، جنهن کي جي فرمان تي يقين نہ هو، جنهنڪري اهو جي عذاب هيٺ اچي ختم ٿي ويو. اسلامي عقيدي موجب پهريون دفعو زمين آباد ڪندڙ حضرت آدم عليہ السلام آهي، پر ٻيو دفعو زمين آباد ڪندڙ حضرت نوح عليہ السلام هو.


لفظ حام بن نوحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو