
حاڪم علي زرداري
حاڪم علي زرداري: نامور سياستدان ۽ زميندار حاڪم علي زرداري ولد حاجي محمد حسين زرداري 1930ع تي ضلعي بينظير آباد جي ڳوٺ ڦتوهل زرداري (تعلقي سڪرنڊ هاڻي تعلقي دولتپور) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ايران مان شادي ڪئي. حاڪم علي زرداري ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. ان بعد ڳوٺ ميان ساند جي مڪتب مان پرائمري تعليم مـڪـمل ڪـري ڊي. سـي. هـاءِ اسـڪـول نوابشاھہ مان مئٽرڪ پاس ڪئي. وڌيڪ تعليم حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ڳوٺ ۾ زمينداري سنڀالڻ لڳو، کيس نوجوانيءَ ۾ هر ڪاهڻ ۽ هارين سان گڏ ڪم ڪرڻ جو شوق هوندو هو. سندس پهرين شادي سنڌ جي علمي گهراڻي حسن علي آفنديءَ جي ڏوهٽي جيل آفيسر محمد حسين ميمڻ جي نياڻيءَ سان ۽ ٻي شادي زرين بيگم سان ٿي، جنهن مان اولاد نہ ٿيس. بالوءَ جا قبا واري زمين تي جايون ٺهرائي رهائش اختيار ڪيائين. زمينداريءَ سان گڏ واپار جو ڌنڌو شروع ڪندي، نوابشاھہ ۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪيائين. نوابشاھہ کانپوءِ هيءُ ڪراچيءَ ۾ بہ رهيو، جتي هن پنھنجي ذهانت ۽ قابليت وسيلي پلاٽن جي خريد ۽ فروخت جو ڌنڌو شروع ڪيو ۽ جلدي ڪراچيءَ جي مرڪزي هنڌ صدر ۾ بمبينو چيمبر قائم ڪري، بمبينو ۽ اسڪالا سئنيمائون قائم ڪيون. اهڙيءَ طرح ٻين سئنيمائن ۾ حصيداري رکيائين، ان کانسواءِ فلم ڊسٽريبيوٽرس جو ڪاروبار شروع ڪيائين ۽ هڪ سنڌي فلم ’سورٺ‘ ٺاهيائين. اهڙيءَ طرح حاڪم علي زرداريءَ جي شخصيت فلم انڊسٽري ۾ بہ نمايان حيثيت قائم ڪري ورتي.
حاڪم علي زرداري پنھنجي محنت، همت ۽ ڪارپت وسيلي تمام گهڻي شھرت ماڻي، سندس طبعي لاڙو قومپرستيءَ ۽ ترقي پسنديءَ ڏانهن رهيو. 1965ع جي بنيادي جمهوريت وارين چونڊن ۾ حاڪم علي زرداري ضلعي ڪائونسل جو ميمبر ۽ ڊويزنل ڪائونسل جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. ان دوران سندس ڪيل تقريرون يادگار رهيون. 1965ع جي صدارتي اليڪشن ۾ ايوب خان جي مخالفت ۽ فاطمہ جناح جي حمايت ۾ هن ڪيترن ئي جلسن ۽ جلوسن کي منظم ڪيو ۽ انهن ۾ خطاب ڪيو. ايوب خان جي حڪومت جي خاتمي بعد ذوالفقار علي ڀُٽي سان پ پ ۾ شامل ٿيو. حاڪم علي زرداريءَ جي عوامي ليگ جي سربراھہ شيخ مجيب الرحمان سان ويجهڙائي ۽ رسول بخش پليجي سان بہ سندس دوستي رهي. 1970ع ۾ هن ڊي. سي هاءِ اسڪول نواب شاھہ جي ’لطيف هال‘ ۾ پنھنجي برادريءَ جو ڪنويشن سڏايو، جتي ’آل سنڌ زرداري ايسوسيئشن‘ جو بنياد رکيائين ۽ ان جو صدر مقرر ڪيو ويو. هن پاڻ کي سردار وارو لقب نہ ڏنو. 1970ع جي چونڊن ۾ حاڪم علي زرداري نوابشاھہ جي تڪ تان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. 1976ع ۾ سنڌ جي وزير اعليٰ سان اختلاف رکڻ سبب کيس وڏين تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو. ان دوران پ پ پ کي ڇڏي نئشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي سنڌ جو صدر ٿيو ۽ پرڏيھہ هليو ويو.
1985ع ۾ غير جماعتي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ لاءِ نوابشاھہ جي تڪ تان حصو ورتائين پر ڪامياب نہ ٿيو. 1988ع جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان چونڊجي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو چيئرمئن ٿيو. 1990ع جي چونڊن ۾ حصو ورتائين پر ڪامياب نہ ٿيو. 1993ع جي چونڊن ۾ ٽيون ڀيرو سڪرنڊ جي تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1996ع جي اليڪشن ۾ نواز دور ۾ ڀٽو ۽ زرداري خاندان خاص طور عتاب هيٺ رهيا. 12 آڪٽوبر 1999ع تي نوازشريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ بعد سندس فرزند آصف علي زرداري جنرل مشرف جي دور دوران جيل ۾ رهيو ۽ حاڪم علي زرداريءَ کي ضياء الدين اسپتال ڪراچيءَ ۾ زيرِ علاج هئڻ دوران اسپتال کي سب جيل قرار ڏئي قيد ۾ رکيو ويو. ڪيتري عرصي کان بيمار رهڻ بعد دماغ جون رڳون ڦاٽڻ سبب پمز اسپتال اسلام آباد ۾ 24 مئي 2011ع تي وفات ڪيائين. سندس فرزند آصف علي زرداري هن وقت پاڪستان جو صدر آهي ۽ سندس ٻہ نياڻيون فريال ٽالپر ۽ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو پڻ سياست ۾ سرگرم آهن. ان کان سواءِ فوزيہ زرداري پڻ سندس ڌيءَ آهي. سندس خاندان کي ملڪي سطح تي وڏي اهميت حاصل آهي.
2011.05.24 عيسوي
حاڪم علي زرداري 24 مئي 2011ع تي وفات ڪئي.