حبشي

حبشي

حبشي


حبشي: هي اصطلاح ننڍي کنڊ خصوصاً هند-سنڌ ۾ انهن شيدين لاءِ استعمال ٿيندو آهي جن جا ابا ڏاڏا هتي غلام جي حيثيت ۾ آيا ۽ اهي گهڻو ڪري حبش جا رهاڪو هئا. سڀ کان پهرين تاريخ ۾ هڪ نامور اصحابي حضرت بلاول حبشي جو نالو ملي ٿو، جنهن کي حضور پاڪ صلي عليہ وسلم جن غلاميءَ مان آزاد ڪرائي پنھنجي اصحابن ۾ شامل ڪيو. قديم مسلم عھد ۾ حبشين جي تعداد حيثيت ۽ فرائض بابت تاريخ خاموش آهي، پر ستين صدي هجري/ تيرهين صدي عيسويءَ جي شروع ۾ هندستان جي ملڪہ رضيہ جي حبشي غلام جمال الدين يا قوت جو اقتدار ۾ هجڻ بابت وڏي اهم ڳالھہ آهي. تغلق دؤر ۾ حبشي ننڍي کنڊ ۾ ڦهلجي ويا، ان وقت جا هند-سنڌ جا حڪمران حبشي بھادر غلام خريد ڪري يا وري گهرائي فوج ۾ شامل ڪري وڏن وڏن عهدن تي فائز ڪندا هئا، ڇو تہ حبشي اڪثر وفاداري ۽ بهادريءَ سبب گهڻو مشھور هوندا هئا. ابن بطوط جنهن برصغير ۾ 734ھہ/1333ع ۽ 743ھہ/1342ع جي وچ ڌاري وڏي پيماني تي سياحت ڪئي، اهو لکي ٿو تہ: هن اتر هندستان کان وٺي سيلون تائين چوڪيدارن، بري ۽ بحري سپاهين ۾ اڪثريت حبشين جي ڏٺي. اٺين صدي هجري/ چوڏهين صدي عيسوي جي آخر ۾ غلام ملڪ سرور حبشي تغلق حڪمران وٽ اهم حيثيت حاصل ڪئي ۽ جلد ئي ’خواجہ جھان‘ جي لقب سان وزير مقرر ٿيو. اهو حبشي هو، اڳتي هلي کيس ’ملڪ الشرق‘ (گورنر) جي عهدي تي فائز ڪيو ويو. بنگال ۾ حبشي غلام سمنڊ جي ذريعي براه راست پهتا هئا، الياس شاهي سلطان رڪن الدين وٽ تقريباً اٺ هزار حبشي غلام موجود هئا، جيڪي صرف فوج ۾ موجود هوندا هئا، انهن مان گهڻا وفاداري ۽ بهادريءَ سبب وڏن وڏن عهدن تي پڻ فائز هوندا هئا. اڳتي هلي حبشي سردار بنگال ۾ حڪومت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ جڏهن علاؤ الدين حسين شاھہ حڪومت تي قابض ٿيو تڏهن جلد سڀني حبشين کي بنگال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جن مان اڪثر دکن ۽ گجرات هليا ويا. مغل دؤر ۾ حبشي پڻ فوج ۾ شامل هئا ۽ انهن مان ڪيترائي صوبائي گورنر پڻ ٿيا. مثلاً آتش حبشي جيڪو پهرين بھار جو گورنر هو ۽ بعد ۾ دکن جو گورنر ٿيو. 1414ھہ/1703ع ۾ اورنگزيب جي عھد ۾ حبش خان سيد مفتاح ۽ ان جو پٽ احمد خان حبشي اعليٰ عهدن تي فائز هئا ۽ دلاور خان حبشي دکن جو گورنر مقرر ٿيو، انهن کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي حبشي گورنرن، وزيرن ۽ مشيرن جو تفصيلي ذڪر ’تذڪره ماثرالامراء‘ ۾ موجود آهي.
سنڌ ۾ حبشين جي موجودگي عرب دؤر کان وٺي آهي، انهيءَ دؤر ۾ جيڪي مسلمان ٿيا، تن پاڻ کي قنبراڻي سڏرائڻ شروع ڪيو. حضرت امام علي ابن ابي طالب عليہ السّلام جي خاص غلام حضرت قنبر جي نسبت سان سنڌ جا نو مسلم شيدي پاڻ کي قنبراڻي سڏرائڻ لڳا. سنڌ تي مختلف دؤر ۾ مختلف گهراڻن جي حڪمرانن حڪومت ڪئي، انهن سڀني جي دؤرن ۾ قلعي جي حفاظت ۽ بحري حفاظت لاءِ مخصوص حبشي فوج هوندي هئي، انهيءَ کان علاوہ جنگي فوج ۾ پڻ انهن جي اڪثريت هوندي هئي. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ پڻ شيدين وٽ وڏا عهدا ڪلهوڙن جي دؤر ۾ شالمين شيدي، مظفر شيدي، دلاور خان ۽ شھزور خان شيدي جو ذڪر تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿو، حيدرآباد جي قلعي جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل فوج جو سپھہ سالار شالمين شيدي هوندو هو ۽ مظفر شيدي سندس صلاحڪار مقرر هو، باقي دلاور خان ۽ شھزور خان شيدي جنگي فوجي دستن جا اڳواڻ هوندا هئا. شالمين شيدي آخري دم تائين قلعي جي حفاظت ڪئي، پر جڏهن قلعو فتح ٿيو تڏهن فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر شالمين کي ڦاهيءَ تي چاڙهي ڇڏيو. ٽالپرن جي دؤر ۾ بھادر خان شيدي، هوش محمد شيدي قنبراڻي ۽ سندس مائٽ خان محمد قنبراڻي، دريا خان، عيسو خان، شنگور خان، احمد قنبراڻي ۽ ٻين جا نالا ملن ٿا. انهن سڀني ۾ هوشو شيدي جو مقام سڀني کان مٿانهون آهي. هوشو شيدي مير صوبدار خان جو خاص امير هو. ٽالپرن ۾ اختلافن سبب مير صوبدار پنھنجي خاص مشير هوشو شيدي کي منع ڪئي تہ مياڻي جنگ ۾ شريڪ نہ ٿجان، پر هوشو چيو تہ آقا! اختلاف پنھنجي جاءِ تي پر وطن جي دشمن کي ذليل ضرور ڪبو، انهيءَ کانپوءِ هوشو مياڻيءَ جي جنگ ۾ وڙهيو ۽ دٻيءَ جي جنگ ۾ وڙهندي شھيد ٿي ويو. مير حسين علي خان ٽالپر جو خاص مشير احمد قنبراڻي وڏو عالم ۽ فاضل هو، ان کانسواءِ خطاطيءَ ۾ پڻ کيس چڱي مهارت حاصل هئي. احمد قنبراڻي عالم فاضل هجڻ کانسواءِ شاعر پڻ هو، سندس مير حسين علي خان ۽ مير حسن علي خان جي شان ۾ چيل قصيدا قلمي بياضن ۾ موجود آهن. احمد قنبراڻي جو ’ديوان احمد‘ هاڻي موجود نہ آهي، پر سندس ڪجهہ غزل مختلف قلمي بياضن ۾ موجود آهن. احمد قنبراڻي مجلسن ۽ پڙن ۾ اچي سيد ثابت علي شاھہ جا چيل مرثيہ وڏي چاھہ سان ٻڌي ماتم ڪندو هو. سندس اولاد اڄ تائين حيدرآباد شھر ۾ موجود آهي.


لفظ حبشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو