حبيب الله ڪلهوڙو

حـبيـب الله ڪلـهـوڙو (رانديگر): فوٽ بال جو بهترين رانديگـر اسـتـاد حبيب الله ڪلهوڙو، 11 نومبر 1936ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم جيڪب آباد مان حاصل ڪيائين. 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي جي ڊگري ورتائين، کيس ننڍپڻ کان ئي فوٽ بال راند جو تمام گهڻو شوق هو، اڳتي هلي 1954ع کان راند جي باقاعدي شروعات ڪيائين ۽ سنڌ جي فوٽ بال ٽيم جو ڪئپٽن مقرر ٿيو. هيءُ 1968ع ۾ مشرقي پاڪستان کيڏڻ ويو. 1988ع تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رانديون کيڏي ڪاميابي حاصل ڪيائين، ڪيترائي اوارڊ، تمغا، ڪپ ۽ ٻلا حاصل ڪيائين. هن بيسٽ ايٿليٽ جي حيثيت سان ريس، لانگ جمپ ۽ هاءِ جمپ ذريعي به ڪيترا انعام حاصل ڪيا. کيس 1958ع ۾ تعليم کاتي ۾ نوڪري ملي، جنهن کانپوءِ 1996ع ۾ رٽائر ٿيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ جيڪب آباد جي شاگردن کي راند جي سکيا ڏيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.11.11  عيسوي

فوٽ بال جو بهترين رانديگـر اسـتـاد حبيب الله ڪلهوڙو، 11 نومبر 1936ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سشما ديوي
جاڙڪ خان
سيد نور محمد شاهه
خواجه غلام محمد نقشبندي
جتوئي مصطفيٰ حيدر
ترين شوڪت
پونٽنگ رڪي ٿامس
فضل الرحمٰن شاهه رضوي
بابل خان جکراڻي
اقبال ٿيٻو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون