حبيب سنائي

حبيب سنائي : مشھور اديب ۽ ڪهاڻيڪار حبيب سنائيءَ جو پورو نالو محمد حبيب ميمڻ آهي، هن 28 جون 1965ع تي هالن پراڻن، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. ايم. اي جنرل هسٽري، ايم. اي. اڪنامڪس ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما آهي. حبيب سنائي عملي زندگيءَ جي شروعات، گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن اينڊ ڪمرشل پرئڪٽسز هالا ۾ انسٽرڪٽر طور ڪئي. هي اديب ۽ ڪهاڻيڪار سان گڏ ترجمي نگار ۽ مضمون نگار بہ آهي. سندس تحريرون سنڌ جي مختلف اخبارن، علمي ۽ ادبي رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) ’ائنيمل فارم‘ (ناول ترجمو)، (2) ’مهڪري صاحب جا مضمون‘ (نثر)، (3) ’ڊاڪٽر اختر حميد خان‘ (ترجمو) ۽ (4) ’ننڍڙن ٻارن لاءِ آکاڻيون‘ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.06.28  عيسوي

مشهور اديب ۽ ڪهاڻيڪار حبيب سنائيءَ جو پورو نالو محمد حبيب ميمڻ آهي، هن 28 جون 1965ع تي هالن پراڻن، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گرڌاري لال ڏوڏيجا
علي قلي بيگ مرزا
زرداري ڊاڪٽر محمد لائق
سليم ميمڻ پروفيسر
صبيحا نذير مگسي
اويس ڀٽو
زيب سنڌي
حميد ابڙو
ڊومڪي حڪيم عبداللطيف
شمس الدين عرساڻي ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون