حبيب ميربحر: حبيب مير بحر پهرئين جوڙ جو مشھور ملھہ پهلوان هو. هن 1896ع ڌاري ڳوٺ دادلوءِ، تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد هو. هن ملھہ جي تربيت ولي محمد سومري کان ورتي. حبيب مير بحر وڏي ڦڙتيءَ سان ملھہ وڙهندو هو. هٿ پئجي وڃڻ کان پوءِ مخالف کي ڪيرائڻ ۾ دير نہ ڪندو هو. جن بہ سندس ملھہ ڏٺي، تن جو چوڻ آهي تہ مڱڻهار دهل تي هڪ ڏونڪو هڻندو هو تہ ٻئي ڏونڪي تائين مقابل ملھہ کي دسي وجهندو هو. هي ٻين ملهن جيان ملھہ ۾ نٽ نٽاءَ ۽ گوٿناٿ اصل نہ ڪندو هو. هن پهلوان جا مقابلا پنھنجي دؤر جي جوڙ جي مشھور ملهن هادو ڪاسائي، وحدو چاچڙ ۽ هندو ٻانڀڻ سان ٿيا. هندو ٻانڀڻ بہ ان دور جو مشھور ملھہ هو جنهن سان هي پنج گلي سکر ۾ وڙهيو، کيس پهرينءَ ملھہ ۾ ئي ٻوڙي ڇڏيائين. ٻانڀڻ چيو تہ جيئن هن پهلوان مون کي ملھہ ماري آهي، تيئن اڄ تائين مون کي ڪنهن بہ نہ دسيو آهي. هيءُ ملھہ غربت ۽ سرپرستي نہ هئڻ سبب تاريخ ۾ پنهنجو نالو ڪڍي نہ سگهيو. قد جو پورو ۽ بت ۾ ڀريل مڙس هو، کيس نرينو اولاد ڪو نہ هو. صرف هڪ نياڻي هئس. بِھہَ وڪڻي پنهنجو گذارو ڪندو هو. سندس وفات 1972ع ۾ جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪندي ٿي. اباڻي قبرستان ڪامل پير ۾ دفن آهي.