حبيب نائچ: حبيب ﷲ نائچ غلام شاھہ ڪلهوڙي جي دور جو سياسي مدبر ۽ بھادر شخص ٿي گذريو آهي. غلام شاھہ کيس محرم 1184ھہ/ مئي 1770ع ۾ ٺٽي جو ناظم مقرر ڪيو. ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دؤر ۾ جڏهن 1189ھہ/ 1775ع ۾ مير بھرام خان قتل ٿيو تہ ان وقت هيءُ درٻار ۾ موجود هو. هن ڪلهوڙن جو طرف ورتو ۽ مير صوبدار تي ڀرپور حملو ڪيائين. حبيب نائچ آخر تائين ڪلهوڙن سان وفادار رهيو.