حبيب ﷲ حبيب ’شهدادڪوٽي‘: سنڌ جو ناليوارو عالم ۽ شاعر، مولانا حبيب ﷲ ولد مولانا سعد ﷲ اعواڻ، 21 فيبروري 1869ع تي پنجاب جي ڳوٺ گاگن هٽان ضلعي ملتان ۾ ڄائو. هن درس نظاميءَ تائين تعليم پنجاب جي مختلف مدرسن ۾ حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ 1910ع ۾ پنجاب کي ڇڏي سنڌ ۾، شڪارپور تعلقي جي ڳوٺ ’ميان جي وانڍ‘ ۾ اچي رهيو، جنهن بعد 1927ع کان وٺي شھدادڪوٽ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، جتي درگاھہ صديقيه ۾ درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين ۽ درگاھہ سان منسلڪ مسجد شريف ۾ جمعي جو خطبو ڏيندو هو. اها مسجد اڄ بہ ’حبيب مسجد‘ طور مشھور آهي. مولانا حبيب ﷲ کي شاعريءَ جو ننڍپڻ کان ئي شوق هو. هن پهريان فارسي، سرائيڪي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪئي ۽ اڳتي هلي سنڌي، پنجابي ۽ عربيءَ ۾ بہ شاعري ڪيائين. شاعريءَ ۾ نعت سندس پسنديدہ صنف هئي. سندس ڪلام ۾ حق، سچ جي پرچار ۽ معاشرتي براين تي تنقيد موجود آهي. مولانا حبيب ﷲ شهدادڪوٽيءَ جي چونڊ سنڌي ڪلام جو مجموعو سندس شاگرد سيد گل محمد شاھہ بخاريءَ ترتيب ڏئي 1992ع ۾ ’فڪر ِحبيب‘ جي نالي سان ڇپرايو. سندس سنڌي، اردو ۽ فارسي ڪلام قلمي صورت ۾ گل محمد شاھہ بخاريءَ وٽ موجود آهي، جنهن ۾ مثنوي ’ميلاد نامو‘ بہ شامل آهي.
حبيب ﷲ اصل پنجابي هئڻ باوجود سنڌ ۾ رهي مڪمل سنڌي ٿي ويو. سنڌي ٻوليءَ سان بي انتها محبت جي جهلڪ سندس شاعريءَ مان ملي ٿي. هو ’شهدادڪوٽي‘ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو. هن سموري عمر شادي نہ ڪئي پيرسنيءَ ۾ اباڻي ڳوٺ گاگن ويو، جتي 5 جنوري 1992ع تي وفات ڪيائين.
1869.02.21 عيسوي
سنڌ جو ناليوارو عالم ۽ شاعر، مولانا حبيب الله ولد مولانا سعد الله اعواڻ، 21 فيبروري 1869ع تي پنجاب جي ڳوٺ گاگن هٽان ضلعي ملتان ۾ ڄائو.
1992.01.05 عيسوي
5 جنوري 1992ع تي وفات ڪيائين.