حبيب ﷲ فڪري

حبيب فڪري: فڪري'>حبيب فڪري سليمان شوافي، 1907ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ مدرسة الاسلام ۾ شاگرد ئي هو تہ انگريزن خلاف گانڌيءَ پاران عدم تعاون جي تحريڪ شروع ٿي. هن عدم تعاون تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ تحريڪ آزاديءَ ۾ بہ حصو ورتائين. هو ’مسلم نيشنل گارڊ‘ جو سالار بہ هو. عمر جي آخري حصي ۾ انگريزي اخبار ’ڊان‘ ۾ ملازمت ڪيائين. فڪري'>حبيب فڪري شاعر، افسانہ ۽ ڊرامانگار هو. ڪجهہ عرصي تائين بزم ادب ۽ بزمِ نظاميءَ جي سيڪريٽري ۽ قليچ لٽرري سوسائٽي ۽ جميعت الشعراء سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان علمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمتون ڪندو رهيو. انهيءَ کان سواءِ هفتيوار ’وحدت‘ ۽ ماهوار ’سخن ور‘ جو ايڊيٽر بہ رهيو.
هن 1974ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ حبيب ﷲ فڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو