حبيب ﷲ قاضي، مولانا: سنڌ جي معروف ديني مدرسي ’دارالهديٰ‘ ٺيڙهيءَ جو بنياد وجهندڙ مولانا حبيب ﷲ ولد مولانا عبدالله قاضيءَ جو جنم 1890ع ڌاري ٺيڙهيءَ ۾ ٿيو. هيءُ پنھنجي دور جو هڪ جيد عالم ٿي گذريو آهي. هن ابتدائي تعليم پنھنجي والد کان ورتي. ان کان پوءِ هيءُ هاليجي شريف وڃي مولانا حمادالله جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي ڪجهہ وقت تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي استاد جي چوڻ تي پير جهنڊي جي مدرسي ’دارالرشاد‘ ۾ شيخ الحديث مولانا محمد وٽ پڙهيو. ان کانسواءِ ديوبند وڃي علامہ سيد انور جي درس حديث ۾ شريڪ ٿيو. اتان موٽي اچي پنھنجي استاد حماد ﷲ جي سرپرستيءَ ۾ ’مدرسي دارالهديٰ‘ جو بنياد رکيائين، اهو زمانو 1332ھہ مطابق 1911ع جو هو، جتي هن پنھنجي سڄي زندگي پڙهائڻ ۾گذاري ڇڏي. هن 1958ع ڌاري وفات ڪئي.