حبيب ﷲ ڏيپلائيِ: مشھور اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو والد حبيب ﷲ ولد محمد الياس ڏيپلائي، 1875ع ڌاري ڏيپلي (ٿرپارڪر) ۾ پيدا ٿيو. هن ڇھہ درجا پاس ڪيا ۽ ننڍي پئماني جو واپار شروع ڪيو، گڏو گڏ ان دؤر جا ڪتاب پڙهڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو مشغلو بہ جاري رکيائين. مطالعي جي شوق ۾ مشھور قصو ’فساد عجب‘ سمورو هٿن سان نقل ڪيائين. پنھنجي فرزند محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي لکڻين کي عام فھم ۽ دلچسپ انداز سان پيش ڪرڻ لاءِ سندس رهنمائي ڪندو رهيو. عثمان ڏيپلائي جڏهن بہ ڪا نئين تحرير لکندو هو تہ پهريان والد کي ڏيکاريندو هو، جيڪو کيس عبارت ۾ موجود ڏکين لفظن کي عام سادن لفظن ۾ لکڻ جي ترغيب ڏيندو هو. حبيب ﷲ ڏيپلائيءَ جي شريڪ حيات جو نالو ’تاج ٻائي‘ هو. کيس ستن نياڻين ۽ ٻن فرزندن جو اولاد ٿيو. محمد عثمان ننڍو هو، سندس وڏو ڀاءُ هارون، ننڍيءَ عمر ۾ وفات ڪري ويو.
حبيب ﷲ ڏيپلائي 1950ع ۾ وفات ڪئي.