حجامِڻ: کاري جي مڇيءَ جو هڪ قسم، جنهن مڇيءَ جو وات وڏو، مٿان ڳاڙهو ۽ هيٺان اڇو ٿئي ٿو. هيءَ مڇي هڪ فوٽ ڊگهي ۽ هڪ فوٽ ٿلهي ٿئي ٿي. - هن نالي سان سنڌ ۾ هڪ ذات بہ آهي، ڊگهڙي تعلقي ۾ هڪ ديھہ جو نالو بہ حجامڻ آهي.