حجر

حجر: منع ڪرڻ، روڪڻ، ڪنهن کي اختيارن کان روڪڻ کي ’حجر‘ چوندا آهن. حجر لاڳو ٿيڻ جا سبب ٽي آهن. صغير سني، غلامي ۽ جنون يعني انهن ٽنهي صفتن مان ڪا به هڪ صفت هوندي ته ان کي مال مان خرچ ڪرڻ کان روڪيو ويندو. ايستائين جو اها صفت ان مان ختم ٿي وڃي، جيڪڏهن ٻار بالغ ٿي وڃي، پر اهو جيستائين نفعي ۽ نقصان ۾ فرق سمجهڻ جي قابل ٿئي تيستائين ان کي مال نه ڏنو ويندو. صاحبِ مال جڏهن تميز وارو ٿيندو ته بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي مال ان جي حوالي ڪيو ويندو. تميز جي تفريق ۾ فقيهن اختلاف ڪيو آهي. امام ابو حنيفه، امام مالڪ ۽ امام احمد بن حنبل تميز جي تفريق هن طرح ڪئي آهي ته تميز ان هوشياري ۽ دانائيءَ جو نالو آهي، جنهن جي ڪري ڇوڪرو پنهنجي مال جي اصلاح ڪري ۽ پنهنجي مال کي وڌائي ۽ بيڪار خرچ نه ڪري. امام شافعيءَ وٽ تميز اها شيءِ آهي، جنهن سان دين ۽ دنيا جي اصلاح ٿيندي هجي. حجر جن ماڻهن تي لاڳو ٿي سگهي ٿو، اهي هي آهن:
(1) نابالغ، (2) غير عاقل، (3) غير ذميوار ۽ خاص ڪري فضول خرچ ڪندڙ، (4) سڃو، جنهن جو ڏيوالو نڪري ويو هجي.، (5) غلام. حجر پاڻ مرادو لاڳو ٿي ويندو آهي يا وري قاضي جي طرفان عائد ڪرڻ جي ضرورت ٿيندي آهي. (شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا)


لفظ حجرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو