حجرات، سورة: سورة حجرات قرآن پاڪ جي اوڻهونجاهين سورة آهي. هن ۾ ٻہ رڪوع ۽ ارڙهن آيتون آهن. هيءَ سورة مديني ۾ نازل ٿي. هن صورت جي چوٿين نمبر آيت ۾ ’الحجرات‘ جو لفظ آيو آهي ۽ اهو ئي هن جي نالي پوڻ جو ڪارڻ آهي. هن سورة ۾ مسلمانن کي آداب سيکاريل آهن. کين ﷲ ۽ ان جي رسول صلي ﷲ عليہ وسلم جي حڪمن کي هر وقت ڌيان ۾ رکڻ سان گڏ سمجهايو ويو آهي تہ هر قسم جي افواهن تي يقين نہ ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن فرد يا قوم بابت ڪو بہ اطلاع ملي تہ ان جي صحيح نموني تحقيق ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن مسلمانن جي ٻن ڌرين ۾ فساد ٿي پوي مسلمانن کي هڪ جماعت جي حيثيت ۾ انهن ۾ هڪدم ٺاھہ ڪرائڻ گهرجي ۽ ظالم ٽولي خلاف جنگ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. هن سورة ۾ اها تعليم ڏني وئي آهي تہ اهي ڳالهيون جيڪي اجتماعي زندگيءَ ۾ فساد پيدا ڪن ۽ قريبي لاڳاپن کي بگاڙين ، تن کان پري رهجي، يعني هڪ ٻئي جي مذاق ٽوڪ اڏائڻ ۽ طعني تنڪي کان روڪيو وڃي. هن سورة ۾ نسلي فرق کانسواءِ برابريءَ جو مقام قائم ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي تہ رب العالمين جي نظر ۾ ڪو بہ ننڍو وڏو ۽ گهٽ وڌ نہ آهي، انسانيت جي دائري ۾ سڀ انسان برابر آهن. ﷲ ۽ ان جي رسولصه جي حڪمن جي پابنديءَ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي. هن سورة جي آخر ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ ايمان بابت زباني دعويٰ جي ڪابہ وقعت نہ آهي، جيستائين ان تي عمل نہ ٿئي. مسلمان لاءِ لازمي آهي تہ ايمان آڻڻ سان گڏ عمل بہ ڪري. (شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا).