حجر اسوَد
حجر اسوَد: هي مقدس پٿر، ڪعبةالله شريف ۾نصب ٿيل آهي، جنهن کي حاجي سڳورا طواف ڪرڻ وقت چمندا آهن. هي پٿر ڪعبةالله شريف جي ڏکڻ ۽ اولهه واري ڪُنڊ وٽ ديوار تي لڳل آهي. هن پٿر جي ويڪر تقريباً ست انچ آهي، هن کي ويجهو ٿي ڏسبو ته ٻارهن کان وڌيڪ حصن ۾ نظر ايندو، جن کي ڄڻ ڪنهن مصالي سان ڳنڍيو ويو هجي. شايد ڪنهن زماني ۾ ڪنهن سبب جي ڪري ڀڄي پيو هجي ۽ اُن کي ٻيهر ڳنڍيو ويو هجي. هن پٿر جي ماهيت معلوم ڪرڻ گهڻي ڏُکي آهي، ڇو جو گهڻو زمانو گذرڻ ۽ حاجين سڳورن جي لاتعداد ڇُهڻ ۽ چمين ڏيڻ سبب هن جي سطح عجيب ٿي ويئي آهي ۽ سندس رنگ تبديل ٿي ويو آهي. سندس مضبوطيءَ لاءِ هن جي ٻاهران چانديءَ جو ٿلهو ڪڙو چاڙهيو ويو آهي، جنهن ۾ سونَ جي ملاوٽ آهي.
حجر اسود ڪٿان آيو، ان بابت مڪمل ويساهه جوڳي پروڙ ڪانهي. حضرت ابنِ عباس صه جي هڪ روايت موجب حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته حجر اسود جنت مان آيو هو. ان وقت ان جو رنگ کير کان وڌيڪ سفيد هِرک وانگر هو. مگر انسانن جي گناهن ان کي ڪارو ڪري ڇڏيو. عتيق جي عهدنامي ۾ به هڪ پٿر جو ذڪر آيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته هي اُهو ئي هجي. ڪتاب زبور ۽ انجيل ۾ به هڪ قدرتي پٿر جو ذڪر آيو آهي. غالباً هي اُهو هي پٿر هجي. ڪعبةالله جي پهرين تعمير وقت به هي پٿر ان ۾ موجود هو. 606ع ۾ جڏهن حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جي عمر مبارڪ اڃا 25 سال هئي، تڏهن سيلاب سبب ڪعبة الله شريف جي عمارت کي نقصان پهتو ۽ قريش ان کي ٻيهر تعمير ڪرڻ لڳا. جڏهن ڀتيون ماڻهوءَ جي قد جيتريون مٿي ٿيون ته حجر اسود لڳائڻ جو مسئلو پيش آيو ۽ قبيلن ۾ جهڙو ٿي پيو. هر قبيلي جي گُهر هئي ته اها سعادت کيس نصيب ٿئي. ان وقت حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جهيڙي ٽارڻ لاءِ هي طريقو اختيار ڪيو جو حجر اسود کي هڪ چادر ۾ رکرائي سڀني قبيلن جي پريي مڙسن کي اُن چادر جي چئني ڪنڊن کان هٿ وجهي کڻڻ جو حڪم فرمايائون. سڀني هٿ وجهي مٿي کڻي اُن جڳهه تي آندو جتي ان کي لڳائڻو هو. تڏهن پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم حجر اسود کي چادر تان کڻي پنهنجي هٿن مبارڪن سان ڪعبي جي ديوار ۾ لڳايو. چون ٿا ته حضرت عبدالله بن زبير جي زماني ۾ ڪعبي شريف کي باهه لڳي هئي، جنهن ڪري حجر اسود ٽن وڏن ۽ ڪيترن ئي ننڍڻ ٽڪرن ۾ ڦاٽي پيو هو، جن کي ابنِ زبيررضه گڏ ڪري چانديءَ ۾ مڙهايو هو. ان کانپوءِ 1268ع ۾ سلطان عبدالمجيد ترڪ ان کي سونَ جي فريم ۾ مڙهايو. 1281ع ۾ سلطان عبدالعزيز ان کي چانديءَ جو فريم لڳرايو ۽ 1366ع ۾ ان جي فريم جي درستي ڪئي وئي. حجر اسود، ڪعبةالله شريف جي جنهن ڪُنڊ ۾ لڳل آهي، اُن ڪُنڊ جي سامهون بيهڻ سان بيت المقدس ڏانهن پڻ مُنهن ٿيندو. ان ڪري حجر اسود جي سامهون واري (ڪعبي شريف جي ) ڪُنڊ کي ’رُڪنِ شامي‘ سڏجي ٿو. ان ڪُنڊ ۾ انهيءَ پٿر کي لڳائڻ جو مقصد هيءُ آهي ته ڪعبةالله شريف جو طواف شروع ۽ ختم ڪرڻ جي نشان جو ڪم ڏي. هر طواف پوري ٿيڻ کان پوءِ حجر اسود کي چمي ڏيئي سگهجي ٿي ۽ هٿ به لڳائي سگهجي ٿو ۽ پڻ سيني سان لڳائي سگهجي ٿو. (شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا). حديثن جي مشهور ڪتابن ’مسند احمد‘ ۽ ’طبراني‘ جي روايتن موجب حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جو فرمان ڄاڻايل آهي ته جيڪو شخص حجرِ اسود ۽ رُڪن يماني (مقامِ ابراهيم) کي ڇُهندو يا چمي ڏيندو ته اُن جا گناهه ڇڻي ويندا ۽ پڻ ان لاءِ حجرِ اسود قيامت ۾ شاهدي ڏيندو.
الترغيب ج:2، ص: 194 ۾ حديث شريف جي حوالي سان ڄاڻايل آهي ته جنهن شخص حجرِ اسود کي چُمي ڏني، تنهن ڄڻ الله تعالى جي سڄي هٿ سان هٿ ملايو. حضرت اميرِ عمر رضه، حجرِ اسود کي چمي ڏيڻ وقت چيو هو ته اي حجرِ اسود! توکي آءٌ اُن ڪري ٿو چمي ڏيان جو منهنجي آقا و مولى حضرت محمد صلي الله وسلم چُمي ڏني آهي.