حج (سورة): هيءَ قرآن پاڪ جي ٻاويهين سورة آهي ۽ هن ۾ ڏھہ رڪوع ۽ 78 آيتون آهن. هن سورة مبارڪه ۾ حج جو موضوع بيان ٿيل آهي. هيءَ سورة مڪي ۾ نازل ٿي. هن جي نزول جي حوالي سان مفسرن ۾ اختلاف آهي. مفسرن جي خيال ۾ هن جو ابتدائي حصو مڪي ۾ هجرت کان ڪجهہ وقت پهرين نازل ٿيو ۽ پنجويهين آيت کان اڳتي جو مديني ۾ نازل ٿيو. هن سورة ۾ رب پاڪ ڄاڻايو آهي تہ حق جي مخالفت ڪرڻ واري قوم تباھہ ٿي ويندي آهي. حق جي فتح يقيني آهي ۽ دنيا جي ڪابہ طاقت ان کي ڪاميابي کان روڪي نہ ٿي سگهي. هن سورة ۾ حج جي فرضيت جو ذڪر آهي. قربانيءَ جو اصل مقصد ٻڌايو ويو آهي. مالي قربانين سان گڏ جان جي قرباني بہ ڏيڻ جو فرمايل آهي. هن سورة ۾ حق جي دشمنن کي انهن جي انجام کان واقف ڪيو ويو آهي ۽ مومنن جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ دنيا جي سڀني قومن کي توحيد جي تعليم ڏني وئي آهي ۽ هيءُ دين بہ اها ئي تعليم ڏئي ٿو. مقصد تہ سورة حج ۾ شرڪ جي ڪمزورين کي واضح ڪيو ويو آهي. آخر ۾ مسلمانن کي خير جي انجام جي خوشخبري ڏيڻ سان گڏوگڏ اهو بہ سمجهايو ويو آهي تہ ڪاميابي جو دارومدار خداپاڪ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ تي منحصر آهي.