حديثِ قدسي: مقدس حديث، ﷲ جو اهو ڪلام، جيڪو نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم بيان ڪيو هجي. حديث قدسي، قرآن شريف کان مختلف آهي. حديث قدسيءَ لاءِ ضروري ناهي تہ اها جبرائيل عليہ السلام جي وسيلي پهتي هجي. الھام جي ذريعي بہ پهچي سگهي ٿي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي تہ حديث قدسيءَ ۾ لفظ ﷲ جا هوندا آهن، زبان نبي سڳوري جي آهي. حديث قدسيءَ کي نماز ۾ تلاوت نٿو ڪري سگهجي ۽ نہ وري هن حديث جو حوالو ڏيندي اهو چيو ويندو تہ ﷲ تعاليٰ فرمايو. حديث قدسيءَ کي حديث جي ڪتابن ۾ ڪا الڳ حيثيت ڪانهي. ڪجهہ مجموعا صحاح سته مان مرتب ڪيا ويا آهن. (حوالو: شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا)