حديد، سورة: قرآن مجيد جي ستونجاهين سورة، جيڪا مديني شريف ۾ نازل ٿي. هن ۾ چار رڪوع ۽ اُڻٽيھہ آيتون آهن. هن سورت ۾ الحديد (لوھہ) جو ذڪر آهي. جڏهن ماڻهو حق کي نيست ۽ نابود ڪرڻ لاءِ جمع ٿيندا آهن تہ پوءِ نبين کي تلوار کڻڻي پوندي آهي. هن سورت ۾ مسلمانن کي ﷲ جي راھہ ۾ مالي قربانيون ڏيڻ لاءِ راضي ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ جنهن زماني ۾ هيءَ سورة نازل ٿي هئي، ان وقت مسلمانن جو ڪافرن سان فيصله ڪن معرڪو هلي رهيو هو. تنهنڪري حڪم ڏنو ويو تہ ايمان جي تقاضا آهي تہ ﷲ تعاليٰ جي راھہ ۾ دل کولي مال خرچ ڪيو وڃي، جيڪو جيترو وڌيڪ خرچ ڪندو، ان کي وڌيڪ اجر عطا ڪيو ويندو. ﷲ جي راھہ ۾ خرچ ڪيل مال تہ ﷲ جي ذمي قرض آهي. انسان کي کپي تہ مصيبت ۾ مايوس نہ ٿئي.