
حديقه ڪياني
حديقه ڪياني: اردو جي مشھور پاپ گلوڪاره، شاعرہ ۽ سماجي ڪارڪن حديقه ڪياني ڌيءَ خاور 11 آگسٽ 1974ع تي راولپنڊيءَ ۾ ڄائي. هن 1995ع کان ڳائڻ جي شروعات ڪئي. سندس پهريون البم ’راز‘ انٽرنيشنل اوارڊ لاءِ چونڊيو ويو.. هيءَ ٽن سالن جي هئي تہ سندس والد وفات ڪري ويو، سندس ماءُ هڪ مقامي اسڪول جي پرنسپال هئي. هن کي ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هو. ماءُ سندس شوق کي ڏسي کيس پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ داخل ڪيو. سڀ کان اول هن ’لياقت ميموريل پنڊي هال‘ ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
حديقه ڪياني پهرين پي. ٽي. وي تي ٻارن جي پروگرام ’آنگن آنگن تاري‘ جي ميزباني ڪئي. هن ٻارن لاءِ ڪيترائي گانا ڳايا. هن 1999ع ۾ فلم ’سرگم‘ جي لاءِ گانا ڳايا. 1994ع ۾ فلم ’سرگم‘ تي کيس اوارڊ مليو، 1995ع ۾ ’اين. ٽي. ايم ويورز چوائس اوارڊ‘ ۾ بھترين پاڪستاني گلوڪاره جو اوارڊ حـاصـل ڪيـائين. 1996ع ۾ هـن جـو الـبـم ’راز‘ رلـيـز ٿيو، جـنهـن جـون لاتـعـداد ڪـئسـٽون وڪـرو ٿيـون. 1997ع ۾ فرسٽ ايشين گلوڪارا ’Brithish National Lottory‘ جي سري سان ٿيل پروگرام جي موقعي تي لائيو ڳايائين. 1999ع ۾ هن جو ٻيو البم ’روشني‘ رليز ٿيو. 2000ع ۾کيس پي. ٽي. وي ورلڊ پاران اوارڊ مليو. 2001ع ۽ 2005ع ۾ هن بھترين پوپ گلوڪاره جو’انڊس ميوزڪ‘اوارڊ حاصل ڪيو. 2007ع ۾ هن جو انگريزي البم ’Rough Cut‘ رليز ٿيو. هيءَ ڪئناڊا، برطانيا، مشرق واسطيٰ، آسٽريليا، ناروي، بلغاريہ ۽ ترڪي ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. حديقه ڪياني هن وقت لاهور ۾ رهي ٿي.
1974.08.11 عيسوي
اردو جي مشهور پاپ گلوڪاره، شاعره ۽ سماجي ڪارڪن حديقه ڪياني ڌيءَ خاور 11 آگسٽ 1974ع تي راولپنڊيءَ ۾ ڄائي.